اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) سومر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ 6 فيبروري تي ٿيل آپگهاتي حملي جي شديد مذمت ڪندي متفقه قرارداد منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ واقعي جي شفا ۽ وقت سر جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. قرارداد ۾ چيو ويو ته اسلام آباد ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ وارو اهو حملو مذمت جوڳو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ …
سينيٽ اجلاس: اسلام آباد ۾ 6 فيبروري تي ٿيل آپگهاتي حملي جي شديد مذمت، متفقه قرارداد منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) سومر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ 6 فيبروري تي ٿيل آپگهاتي حملي جي شديد مذمت ڪندي متفقه قرارداد منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ واقعي جي شفا ۽ وقت سر جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. قرارداد ۾ چيو ويو ته اسلام آباد ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ وارو اهو حملو مذمت جوڳو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿيا. ايوان متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. سينيٽ واضح ڪيو ته شهرين، عوامي هنڌن ۽ مذهبي اجتماعن کي نشانو بڻائڻ اسلام، انسانيت ۽ پاڪستان جي آئين جي قدرن جي ابتڙ آهي. قرارداد ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ امدادي ٽيمن جي وقت سر ڪارروائي کي به خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. سينيٽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته حملي جي مڪمل، شفاف ۽ مقرر مدي ۾ جاچ ڪئي وڃي ۽ دهشتگردي جي مرتڪب ماڻهن، سهولتڪارن ۽ سرپرستن کي قانون مطابق سزا ڏني وڃي. قرارداد ۾ وفاقي راڄڌاڻي سميت حساس هنڌن تي سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي به زور ڏنو ويو. قرارداد مطابق واقعي جي جامع جاچ لاءِ فوري طور تي عدالتي ڪميشن قائم ڪيو وڃي ۽ ان جي رپورٽ چار هفتن اندر سينيٽ ۾ پيش ڪئي وڃي.










