ترلائي آپگهاتي حملي ۾ 33 ماڻهو شهيد، 150 زخمي ٿيا، دهشتگرد افغانستان ۾ تربيت حاصل ڪئي، حملي پويان ڀارت جو هٿ آهي: طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد امام بارگاهه ۾ آپگهاتي حملي ۾ 33 ماڻهو شهيد ۽ 150 زخمي ٿيا، زخمين کي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون، امام بارگاهه ۾ پوليس جا 2 اهلڪار مقرر هئا، جڏهن ته آپگهاتي حملو ايترو ته سخت هو جو هو انهن کي روڪي نه سگهيا. قومي …

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد امام بارگاهه ۾ آپگهاتي حملي ۾ 33 ماڻهو شهيد ۽ 150 زخمي ٿيا، زخمين کي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون، امام بارگاهه ۾ پوليس جا 2 اهلڪار مقرر هئا، جڏهن ته آپگهاتي حملو ايترو ته سخت هو جو هو انهن کي روڪي نه سگهيا. قومي اسيمبليءَ ۾ ترلائيءَ ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي هن چيو ته ترلائيءَ ۾ امام بارگاهه خديجة الڪبريٰ ۾ جمعي نماز جي شروعات ۾ جڏهن نمازي سجدي ۾ هئا، ان وقت هڪ دهشتگرد گارڊ تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سان گارڊ زخمي ٿي پيو ۽ آپگهات ڪندڙ مسجد ۾ داخل ٿي ويو. هن ٻُڌايو ته عام طور تي مسجد ۾ نمازي اڱڻ ۾ به نماز ادا ڪن ٿا جڏهن ته هتي چار ديواري ۽ گيٽ لڳل هو، اهي دهشتگرد اُتان داخل ٿيا ۽ آخري صف ۾ اچي پاڻ کي اُڏائي ڇڏيو. واقعي کان فوري بعد زخمين کي سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ آندو ويو. ان واقعي ۾ 33 نمازي شهيد ٿيا. ان ۾ وڏو انگ نوجوانن جو هو. هتي چوڌاري تعليمي ادارا آهن، انهن جا شاگرد به نماز لاءِ موجود هئا. هن ٻُڌايو ته آپگهاتي حملي کان پوءِ فوري طور اسلام آباد جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، ڌماڪي جي زخمين جو انگ 150 کان وڌيڪ آهي. هن ٻُڌايو ته آءِ جي اسلام آباد، جو سؤٽ ان حملي ۾ شهيد جڏهن ته سندس چاچو پڻ زخمي ٿيو. ڌماڪي کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جديد بنيادن تي جاچ جي شروعات ڪئي ۽ ٻن کان ٽن ڪلاڪن اندر آپگهاتي بمبار جي سُڃاڻپ ڪئي وئي. بمبار جي سُڃاڻپ پشاور جي رهواسي ياسر ولد بهادر خان جي نالي سان ٿي. ان کان فوري پوءِ سندس مائٽ کي اسلام آباد ۽ ٻئي کي اڊيالا روڊ تان گرفتار ڪيو ويو. انهن کان جاچ دوران وڌيڪ ڪارروائي ڪندي 4 دهشتگرد نوشهره مان پڪڙيا ويا. هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ ڪي پي پوليس جي هڪ اي ايس آءِ شهادت ماڻي. مارجي ويل دهشتگرد به بمبار هو ۽ هڪ آپگهات ڪندڙ کي زندهه پڪڙيو ويو. هن ٻُڌايو ته آپگهاتي حملي آور دهشتگرد تربيت افغانستان مان ورتي. ان جي هينڊلرز ۽ سهولت ڪارن جو پڻ افغانستان اچڻ وڃڻ هو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته اسلام آباد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي امڪاني قدمن سبب دهشتگرديءَ جي ڪيتريون ئي ڪوششون ناڪام بڻايون ويون آهن. هن ٻُڌايو ته اسلام آباد جي سمورين مسجدن ۾ نماز دوران پوليس جا جوان مقرر هوندا آهن. هن چيو ته ادارن کي هاڻ تائين جيڪي ثبوت مليا آهن ان مان ثابت ٿئي ٿو ته دهشتگرد سموري تربيت افغانستان ۾ ورتي ۽ ان پويان ڀارت آهي، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. دنيا ان جي مذمت ڪئي آهي، دنيا رياستي سرپرستيءَ ۾ دهشتگردي جي به مذمت ڪئي آهي.

مزید خبریں