انصاف جي نظام ۾ وڪيلن جو ڪردار بنيادي ۽ مُک حيثيت رکي ٿو: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته حڪومت وڪيلن جي ڀلائي ۽ بار ادارن جي استحڪام کي پنهنجين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته انصاف جي نظام ۾ وڪيلن جو ڪردار بنيادي ۽ مُک حيثيت رکي ٿو. وزارت جي ترجمان موجب هن اها ڳالهه مختلف بار ايسوسيئيشنز جي وڪيلن جي وفدن سان ملاقات دوران ڪئي. وفاقي وزير سان …

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته حڪومت وڪيلن جي ڀلائي ۽ بار ادارن جي استحڪام کي پنهنجين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته انصاف جي نظام ۾ وڪيلن جو ڪردار بنيادي ۽ مُک حيثيت رکي ٿو. وزارت جي ترجمان موجب هن اها ڳالهه مختلف بار ايسوسيئيشنز جي وڪيلن جي وفدن سان ملاقات دوران ڪئي. وفاقي وزير سان اسلام آباد، بهاولپور، ساهيوال ۽ فيصل آبار بار ايسوسيئيشنز جي صدرن ۽ عهديدارن ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ وڪلين کي پيش ايندڙ انتظامي ۽ پيشيوراڻن مسئلن، عدالتي نظام ۾ سهولتن جي فراهمي ۽ بار ادارن جي مضبوطي بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير وڪيلن ۽ حڪومت وچ ۾ اثرائتن رابطن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته گڏيل سهڪار سان ئي انصاف جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. بار جي نمائندن وڪيلن جي مسئلن جي حل لاءِ قانون واري وزارت کي ساراهيو ۽ حڪومت طرفان وڪيلن جي ڀلائيءَ لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته وڪيلن جا مسئلا، عدالتي سڌارا ۽ بار ادارن جي استحڪام لاءِ مشاورت جو عمل آئينده به جاري رکيو ويندو.

مزید خبریں