لاهور-09 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف سان ازبڪ سفير علي شير تختيوف ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي اقتصادي سهڪار وڌائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ازبڪ سفير، مسلم ليگ (ن) جي صدر کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف جو خط پهچايو. ازبڪ صدر، پنهنجي خط ۾ لکيو ته محمد نواز شريف پاڪستان جو محب …
محمد نواز شريف سان ازبڪ سفير علي شير تختيوف جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
لاهور-09 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف سان ازبڪ سفير علي شير تختيوف ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي اقتصادي سهڪار وڌائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ازبڪ سفير، مسلم ليگ (ن) جي صدر کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف جو خط پهچايو. ازبڪ صدر، پنهنجي خط ۾ لکيو ته محمد نواز شريف پاڪستان جو محب وطن پُٽ آهي، جنهن پاڪستان جي عوام لاءِ شاندار منصوبا بڻايا. خط ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ساراهيو ويو. ازبڪ صدر، مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف ۽ وزيراعليٰ مريم نواز شريف کي ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.











