اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه ڊاڪٽر راغب حسيني نعيمي هلندڙ سال لاءِ صدقهءِ فطر ۽ رمضان جو فطرو (اهي ماڻهو جيڪي بيمار، مستقل شرعي عذر سبب روزو رکڻ کان قاصر هجن) جو نصاب جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل طرفان جاري بيان موجب هلندڙ سال صدقهءِ فطر ۽ رمضان جو فطرو گهٽ ۾ گهٽ 300 رپيا في ماڻهو ادا ڪيو وڃي. ڪڻڪ …
هر ماڻهو هلندڙ سال صدقه فطر ۽ رمضان جو فطرو گهٽ ۾ گهٽ 300 رپيا ادا ڪري: اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه ڊاڪٽر راغب حسيني نعيمي هلندڙ سال لاءِ صدقهءِ فطر ۽ رمضان جو فطرو (اهي ماڻهو جيڪي بيمار، مستقل شرعي عذر سبب روزو رکڻ کان قاصر هجن) جو نصاب جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل طرفان جاري بيان موجب هلندڙ سال صدقهءِ فطر ۽ رمضان جو فطرو گهٽ ۾ گهٽ 300 رپيا في ماڻهو ادا ڪيو وڃي. ڪڻڪ جو اٽو 300 رپيا، جَوَ جي حساب سان 1100 رپيا، کجور 1600 رپيا، ڪشمش 3800، وڏي ڪشمش 5400 رپيا جڏهن ته سرڪاري اٽي جي قيمت جي حساب 200 رپيا صدقو ۽ رمضان جو فطرو ادا ڪيو وڃي. چيئرمين چيو ته صدقو فطر هر غلام، آزاد مرد، عورت، ننڍي ۽ وڏي مسلمان تي فرض آهي، سرنديءَ وارن کي ڪڻڪ تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي مالي حيثيت موجب صدقو فطرو ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن وڌ کان وڌ مستحق ماڻهن جي مدد ٿي سگهي. پنجاب کان علاوه ٻيا صوبي پنهنجي علائقن ۾ جنسن جي قيمتن موجب صدقو فطر ۽ رمضان جو فطرو ادا ڪن. سندس چوڻ هو ته ڪڻڪ جي حساب سان 30 روزن جو فديو 9000 رپيا، جَوَن جو فديو 33000، کجور جو 48000، ڪشمش 114000 رپيا، وڏي ڪشمش 162000 رپيا ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته سرڪاري اٽي جي حساب سان 30 روزن جو فديو 6000 رپيا بڻجي ٿو. هن اهو به ٻُڌايو ته ڄاڻي واڻي روزو ٽوڙڻ جو ڪفارو مسلسل 60 روزا رکڻ يا 60 مسڪينن کي ٻن وقتن جو کاڌو کارائڻ آهي. ڪڻڪ جو نصاب وزن جي حساب سان اڌ (2 ڪلو احتياطن)، جوَ، کجور، وڏي ڪشمش جو نصاب هڪ صاع (4 ڪلوگرام احتياطن) بڻجي ٿو.











