وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جو ڪوٽ ميانه ۾ قائم ميڊيڪل ڪيمپ جو دؤرو

چنيوٽ-09 فيبروري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪوٽ ميانه ۾ قائم ميڊيڪل ڪيمپ جو دؤرو ڪيو، جتي هن عوام کي فراهم ٿيندڙ طبي سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻُڌايو ته ميڊيڪل ڪيمپ ۾ ماهر ۽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن ذريعي مريضن جو مڪمل طور تي مفت طبي معائنو ۽ علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي مريضن کي …

چنيوٽ-09 فيبروري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪوٽ ميانه ۾ قائم ميڊيڪل ڪيمپ جو دؤرو ڪيو، جتي هن عوام کي فراهم ٿيندڙ طبي سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻُڌايو ته ميڊيڪل ڪيمپ ۾ ماهر ۽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن ذريعي مريضن جو مڪمل طور تي مفت طبي معائنو ۽ علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي مريضن کي وڌيڪ علاج لاءِ لاڳاپيل اسپتالن ۾ ريفرر پڻ ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته تازين حالتن کانپوءِ مختلف بيمارين جي پکيڙ جي خدشن کي نظر ۾ رکندي اهڙن ميڊيڪل ڪيمپس جو بندوبست عوامي ڀلائيءَ لاءِ نهايت اهم آهي ۽ حڪومت صحت جي شعبي ۾ عوام کي وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. بعد ۾ وفاقي وزير جهنگ روڊ تي قائم ايل آر بي ٽي آءِ اسپتال/سينٽر جو پڻ دؤرو ڪيو ۽ اتي مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جو معائنو ڪيو.

مزید خبریں