اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ گڏيل سهڪار سان لاڳاپيل اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ روس ۾ پاڪستان جي سفير سان اعليٰ سطحي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ روس وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، خاص طور پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ جديد رخن تي آڻڻ لاءِ …
پنج ڪمپينن پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۾ سيڙپڪاري ۽ حصيداري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي: هارون اختر خان

مزید خبریں
اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ گڏيل سهڪار سان لاڳاپيل اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ روس ۾ پاڪستان جي سفير سان اعليٰ سطحي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ روس وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، خاص طور پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ جديد رخن تي آڻڻ لاءِ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هارون اختر خان ان موقعي تي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن پاڪستان اسٽيل ملز کي هڪ فعال ۽ پيداواري قومي اثاثي طور تي بحال ڪرڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن تحت پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي هاڻي عملي شڪل اختيار ڪرڻ طرف تيزي سان وڌي رهي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت تائين 5 ڪمپينن پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۾ سيڙپڪاري ۽ حصيداري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ٻه طرفي رابطن ۾ اضافي جو ذڪر ڪندي خاص معاون چيو ته پاڪستان ۽ روس صنعتي ۽ پيداواري شعبن ۾ معاشي سهڪار جي هڪ نئين دور طرف گامزن آهن. هن تصديق ڪئي ته روسي ڪمپنيون پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۾ سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار لاءِ سنجيده آهن. پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ان منصوبي جي اسٽريٽجڪ، مالي ۽ آپريشن رخن جو واضح خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. خاص مددگار مطابق بحالي جو عمل تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ روسي اختيارين سان مسلسل رابطا ۽ ملاقاتون جاري آهن. پاڪستان حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي عمل ۾ شفافيت، پائيداري ۽ ڊگهي مدي واري معاشي فائدن کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، جيڪو وزيراعظم جي وسيع صنعتي ۽ معاشي سڌارا جاتي ايجنڊا سان هم آهنگ آهي.











