لاهور-09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته نوجوان اسان جو روشن مستقبل آهن، کين ميرٽ جي بنياد تي روزگار ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ پهرين ترجيح آهي، آءِ ٽي روانگي واپار کي 25 بلين ڊالرن تائين وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهيون، پاڪستان جي پهرين يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي لانچ ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ويزن 2047ع پاليسي تي ڪم …
نوجوان اسان جو روشن مستقبل آهن، کين ميرٽ جي بنياد تي روزگار فراهم ڪرڻ پهرين ترجيح آهي: رانا مشهود احمد خان

مزید خبریں
لاهور-09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته نوجوان اسان جو روشن مستقبل آهن، کين ميرٽ جي بنياد تي روزگار ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ پهرين ترجيح آهي، آءِ ٽي روانگي واپار کي 25 بلين ڊالرن تائين وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهيون، پاڪستان جي پهرين يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي لانچ ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ويزن 2047ع پاليسي تي ڪم جاري آهي، 35 سيڪڙو عورتون ليبر فورس جو حصو بڻبيون، ڊجيٽل يوٿ هب تي 8 لک کان وڌيڪ ٻار رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پنجاب يونيورسٽي ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ ۽ پليسمينٽ سينٽر جي انتظام هيٺ جاب فيئر کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر، ڊائريڪٽر، فيڪلٽي ميمبرن، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. رانا مشهود چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت اسان نوجوانن کي ملڪ ۽ پرڏيهه روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي پروگرامن جي شروعات ڪئي آهي، آئينده به اهو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته پورٽل تي ميرٽ جي بنياد تي ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ آءِ ٽي سيڪٽر، گرين ٽيڪنالاجي سيڪٽر، بزنس سيڪٽر سميت مختلف سيڪٽرن ۾ نوڪرين جا بيشمار موقعا ميسر آهن، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن سفارش جي ضرورت نه پوندي پر صرف ميرٽ ۽ قابليت جي بنياد تي سمورا موقعا موجود آهن. نوجوانن کي ليپ ٽاپس جي ورهاست هجي، ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ قرض جي فراهمي هجي يا نيوٽيڪ سان گڏجي ٽريننگ جي ڳالهه هجي، وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت سڄي پاڪستان ۾ مختلف پروگرامن تي ڏينهن رات ڪم جاري آهي، اسان اهڙيون پاليسيون آڻي رهيا آهيون جنهن تحت نوجوانن جي گروٿ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ايندڙ مهيني پاڪستان جي پهرين نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي جاري ٿيڻ وڃي رهي آهي جنهن تحت 35 سيڪڙو عورتون ليبر فورس جو حصو بڻجي سگهنديون، هر سال ان پروگرام تحت 10 سيڪڙو نين ڪمپنين جي رجسٽريشن بڻائي ويندي، پاڪستان جي پهرين نيشنل ايڊولوسنٽ اينڊ يوٿ پاليسيءَ ۾ مختلف عمر جي ٻارن کي رهنمائي ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي سيڪٽر کي هٿي وٺرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، اسان کي ايندڙ 4 سالن ۾ آءِ ٽي روانگي واپار کي 2.5 بلين ڊالرن کان 25 بلين ڊالرن تائين وٺي وڃڻو آهي جنهن تي اسان ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿي چڪا آهيون. هن چيو ته 2016ع ۾ دنيا چئي رهي هئي ته پاڪستان ٽاپ 30 اڪانومي بڻجندو، بدقسمتيءَ سان اسان تي هڪ ففٿ جنريشن وار مسلط ڪئي وئي ۽ ترقيءَ جو سفر روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، دهشتگردي دشمن جو آخري حربو آهي، اسلام آباد ۾ جيڪو دهشتگرد حملو ٿيو اهو به پاڪستان کي ناڪام بڻائڻ ۽ ڊيڄارڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، قوم جا حوصلا بلند آهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج قربانين جي نيون داستانون لکي رهي آهي، جلد دهشتگردن جو خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته اڄ جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ ترقيءَ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اها پاڪستان جي ترقيءَ جي ڳالهه آهي، پاڪستان جي آءِ ٽي دنيا اندر پنهنجو مقام پيدا ڪري رهي آهي، روانگي ۽ آمدني واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي هن ايڪسپو جو افتتاح پڻ ڪيو.











