اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪيه، سعودي عرب ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن اسرائيل جي انهن غيرقانوني فيصلن ۽ قدمن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جيڪي والاريل اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني اسرائيلي خودمختياري مڙهڻ، آبادڪاري جي سرگرمين کي مضبوط بڻائڻ ۽ هڪ نئين قانوني ۽ انتظامي حقيقت لاڳو ڪرڻ جي لاءِ کنيا پيا وڃن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان …
پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪيه، سعودي عرب ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن پاران اسرائيلي قدمن جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪيه، سعودي عرب ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن اسرائيل جي انهن غيرقانوني فيصلن ۽ قدمن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جيڪي والاريل اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني اسرائيلي خودمختياري مڙهڻ، آبادڪاري جي سرگرمين کي مضبوط بڻائڻ ۽ هڪ نئين قانوني ۽ انتظامي حقيقت لاڳو ڪرڻ جي لاءِ کنيا پيا وڃن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب انهن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن پاران جاري گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل جي انهن قدمن جي نتيجي ۾ والاريل علائقي جي غيرقانوني الحاق جي ڪوششن ۽ فلسطيني عوام جي جبري بيدخلي ۾ تيزي اچي رهي آهي. پڌرنامي موجب پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اسرائيل کي والاريل فلسطيني علائقن تي ڪنهن به قسم جي خودمختياري حاصل نه آهي. پرڏيهي وزيرن والاريل اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي حڪومت پاران جاري توسيع پسنداڻي پاليسين ۽ غيرقانوني قدمن جي تسلسل کان خبردار ڪيو جيڪي خطي ۾ تشدد ۽ تڪرار کي وڌيڪ هوا ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي وزيرن انهن غيرقانوني قدمن کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو ته اها عالمي قانون جي واضح خلاف ورزي آهي، ٻه رياستي حل کي نقصان پهچائين ٿا ۽ فلسطيني عوام جي ان فتح نه ٿيڻ جوڳي حق تي حملو آهن جنهن تحت هو 4 جون 1967ع جي سرحدن جي بنياد تي والاريل القدس جو گادي وارو شهر بڻائي، پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جا حقدار آهن. اهڙا قدم خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ جاري ڪوششن کي پڻ ڪمزور ڪن ٿا. پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه جي توثيق ڪئي ته والاريل اولهندي ڪناري ۾ کنيل اهي سمورا غيرقانوني قدم ڪالعدم ۽ باطل آهن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن خاص طور تي قرارداد 2334 جي واضح خلاف ورزي آهي، جيڪا 1967ع کان والاريل فلسطيني علائقن بشمول اولهه بيت المقدس جي آبادياتي ساخت، ڪردار ۽ حيثيت ۾ تبديلي جي لاءِ کنيل سمورن اسرائيلي قدمن جي مذمت ڪري ٿي. پرڏيهي وزيرن انصاف جي عالمي عدالت جي 2024ع جي مشاورتي راءِ جو پڻ حوالو ڏنو جنهن ۾ والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل جي پاليسين ۽ طرز عمل ۽ ان جي مسلسل موجودگي کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو، اسرائيلي قبضي جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڏنو ويو ۽ والاريل فلسطيني زمين جي الحاق کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو. پرڏيهي وزيرن عالمي برادري کان پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو ته اها پنهنجي قانوني ۽ اخلاقي ذميواري پوري ڪري ۽ اسرائيل کي والاريل اولهندي ڪناري ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ ۾ اضافي ۽ ان جي عملدارن جي اشتعال انگيز بيانن کي فوري طور تي روڪڻ تي مجبور ڪري. هنن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ رياستي حيثيت جي جائز حق جي تڪميل، عالمي قانوني قراردادن ۽ عرب امن قدمن موجب ٻه رياستي حل جي بنياد تي ئي منصفاڻي ۽ جامع امن جي قيام جو واحد رستو آهي جيڪو خطي ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهي ٿو.











