العلا -09 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته اصل پاليسي چئلينج رڳو قرضن جي ڳاڻيٽي جو انتظام ناهي پر ليڪيوڊٽي جي دٻاءُ کي ادائگي جي عدم صلاحيت ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪڻ ۽ ترقي کي هٿي وٺائيندڙ سماجي خرچن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ آهي. خودمختار قرضن جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر قدمن، مضبوط ادارن، شفافيت …
خودمختيار قرضن جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر قدمن، مضبوط اداران، شفافيت ۽ اعتماد جوڳي پاليسي فريم ورڪ جي ضرورت آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
العلا -09 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته اصل پاليسي چئلينج رڳو قرضن جي ڳاڻيٽي جو انتظام ناهي پر ليڪيوڊٽي جي دٻاءُ کي ادائگي جي عدم صلاحيت ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪڻ ۽ ترقي کي هٿي وٺائيندڙ سماجي خرچن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ آهي. خودمختار قرضن جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر قدمن، مضبوط ادارن، شفافيت ۽ اعتماد جوڳي پاليسي فريم ورڪ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن سعودي عرب جي شهر العلا ۾ العلا ڪانفرنس 2026ع جي موقعي تي خودمختيار قرضن جي خطرن کي منهن ڏيڻ واري موضوع تي اعليٰ سطح جي گول ميز مباحثي ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي. ڪانفرنس سعودي عرب جي حڪومت ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي حصيداري سان منعقد ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي سطح تي سرڪاري قرض تاريخ جي بلند ترين سطح تي موجود آهن، جيڪي بلند قرض سروسنگ لاڳت، سخت مالياتي حالاتن ۽ محدود مالي گنجائش ذريعي اڀرندڙ ۽ اسرندڙ معيشتن تي مسلسل دٻاءُ وجهي رهيا آهن. هن چيو ته اصل پاليسي چئلينج رڳو قرضن جي ڳاڻيٽي جو انتظام ناهي پر ليڪويڊٽي جي دٻاءُ کي ادائگي جي عدم صلاحيت ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪڻ ۽ ترقي کي هٿي وٺائڻ وارن سماجي خرچن جو تحفظ يقيني بڻائڻ ۾ آهي. ناڻي واري وزير سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد الجدان جي رمارڪس جو حوالو ڏنو جنهن چيو هو ته معاشي استحڪام ترقي جو مخالف ناهي پر پائيدار ۽ معاشي توسيع جو لازمي بنياد آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جو تازو تجربو ان نقطئه نظر جي ڀرپور تائيد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان منظم معاشي پاليسين، اداره جاتي سڌارن ۽ فعال قرضه جاتي نظم و نسق ذريعي استحڪام جي بحالي ۾ شروعاتي پر معنيٰ اڳڀرائي ڪئي آهي. جڏهن ته هن اهو به مڃيو ته سڌارن جو سفر اڃا جاري آهي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان سرڪاري قرضن کي ضابطي ۾ رکڻ ۽ انهن کي بهتر انداز ۾ منظم ڪرڻ جي راهه تي گامزن آهي. جنهن ۾ مدي واري ادائگي ۾ واڌ، قرض سروسنگ لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ ڪجهه قرضن جي وقت کان اڳ ادائگي شامل آهي. انهن قدمن جي نتيجي ۾ گذريل 3 سالن دوران جي ڊي پي جي شرح سان قرضن جي شرح اٽڪل 74 سيڪڙو گهٽجي لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي جڏهن ته جي ڊي پي جي شرح سان پرڏيهي قرضن جي شرح مستحڪم رهي آهي. ان سان گڏوگڏ وياج جي لاڳت ۾ نمايان بچت، ميچوئرٽيز کي هموار بنائن ۽ ري فنانسنگ جي خطرن م گهٽتائي آڻڻ ۾ به مدد ملي آهي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ باقاعده ۽ شفاف قرضن جي پائيداري تجزي جي اداره جاتي نظام تي به روشني وڌي جيڪو آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي طريقيڪار سان هم آهنگ آهي ۽ جنهن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي قرضن سان گڏ حڪومتي ضمانتون به شامل ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته ان تبديلي سان خطرن جي بهتر نشاندهي، باقيدارن سان اثرائتا رابطا ۽ مارڪيٽ جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي، جيڪو جي-20 ڪامن فريم ورڪ جي مقصدن سان هم آهنگ آهي. ناڻي واري وزير مقامي وسيلن جي حاصل ڪرڻ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو به ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته پاڪستان جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪسن جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي. جيڪو ماضي جي سنگل ڊجٽ مان وڌي هاڻي اٽڪل 12 سيڪڙو جي ويجهو پهچي رهيو آهي. جنهن جو بنياد ٽيڪس سڌارن، ڊجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪس نيٽ ورڪ جي واڌ آهي. سينيٽر اورنگزيب قرضه جاتي نظم و نسق کي موسمياتي ۽ ترقياتي هدفن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي به روشني وڌي. جن ۾ گرين سڪوڪ جو جاري ڪرڻ ۽ خودمختيار پائيدار فنانسنگ فريم ورڪ جو قيام شامل آهي. ناڻي واري وزير زور ڀريو ته خودمختيار قرضن جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر قدمن، مضبوط ادارن، شفافيت ۽ اعتماد جوڳي پاليسي فريم ورڪ جي ضرورت آهي، جن کي بهتر عالمي رابطاڪاري جي مدد حاصل آهي. هن چيو ته باقيدارن وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ، لائيبيلٽي مينيجمينٽ آپريشنز جي اثرائتي استعمال کي وسعت ڏيڻ، ۽ موسمياتي لچڪ کي قرضه جاتي فريم ورڪس ۾ ضم ڪرڻ اڻٽر هو ته جيئن اڀرندڙ معيشتون قرضن کي پائيدار انداز ۾ منظم ڪندي ترقي ۽ سماجي ترجيحن کي به محفوظ رکي سگهن.











