ويڪسين جي مقامي تياري هڪ وڏو چئلينج آهي: صحت بابت وفاقي وزير

اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته ويڪسين جي تياري صحت جي شعبي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿي ۽ پاڪستان لاءِ ويڪسين جي مقامي تياري هڪ وڏو چئلينج آهي. انهن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي ويڪسين مينيوفيڪچررز گروپ جي چوٿين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آبادي ۾ هر سال 60 لک کان وڌيڪ …

اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته ويڪسين جي تياري صحت جي شعبي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿي ۽ پاڪستان لاءِ ويڪسين جي مقامي تياري هڪ وڏو چئلينج آهي. انهن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي ويڪسين مينيوفيڪچررز گروپ جي چوٿين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آبادي ۾ هر سال 60 لک کان وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي، جهن سبب اسان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان ويڪسين جي تياري ۾ پاڻڀرا  ٿيون. هن واضح ڪيو ته حڪومت 2030ع تائين ويڪسين جي آمدني واپار ۽ پرڏيهه تي ڀاڙڻ ختم ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. جڏهن ان لاءِ 2030ع جو انتظار ڪرڻ بدران فوري طور تي سگهه ۽ ويڪسين تياري جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر جي کوٽ ناهي، صحت واري قومي اداري جهڙا ادارا موجود آهن، تنهن هوندي به ويڪسين جي تياري يا خريد ۽ وڪرو ڪو منافعو ڏيندڙ ڪاروبار ناهي ان مقصد لاءِ پاڪستان کي سٺي ۽ اعتماد جوڳي ڀائيوار جي ضرورت آهي، ان لاءِ چين، سعودي عرب ۽ انڊونيشيا جهڙن  ملڪن جو تعاون حاصل ڪيو پيو وڃي.هن ٻڌايو ته سعودي عرب گذريل 10 سالن کان ويڪسين جي تياري جي مرحلن مان گذري رهيو آهي. وفاقي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان پنهنجي پهرين ويڪسين پاليسي تيار ڪري ورتي آهي. هن اعلان ڪيو ته او آءِ سي ويڪسين الائنس لاءِ شارٽ ٽرم، ميڊيم ٽرم ۽ لانگ ٽرم بنيادن تي اڄ کان ڪم جي شروعات ڪئي ويندي ته جيئن اسلامي ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن. هن انڪشاف ڪيو ته جنگ دوران ويڪسين جي کوٽ جي مسئلي تي اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته عالمي اداره گاوي ڀارت مان ويڪسين خريد ڪري پاڪستان کي فراهم ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته هاڻُڪي پاڪ ڀارت جنگ دوران ويڪسين جي کوٽ جي تجربي کان پوءِ حڪومت مستقل بنيادن تي منصوبه بندي جو فيصلو ڪيو آهي.

مزید خبریں