اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي) هلندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مجموعي بجيٽ خسارو 10 سالن جي گهٽ ترين سطح 542 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ناڻي وزارت پاران جاري پاڪستان فسڪل آپريشن رپورٽ موجب مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مجموعي بجيٽ خسارو 542 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو مالي سال 2016ع کان پوءِ گهٽ ترين سطح آهي. گذريل مالي سال جي پهرين …
هلندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ بجيٽ خسارو 10 سالن جي گهٽ ترين سطح 542 ارب روپين تي اچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي) هلندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مجموعي بجيٽ خسارو 10 سالن جي گهٽ ترين سطح 542 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ناڻي وزارت پاران جاري پاڪستان فسڪل آپريشن رپورٽ موجب مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مجموعي بجيٽ خسارو 542 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو مالي سال 2016ع کان پوءِ گهٽ ترين سطح آهي. گذريل مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مجموعي بجيٽ خساري جو ڳاڻيٽو 1.538 ٽريلين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو، هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مجموعي محصول جو ڳاڻيٽو 10.008 ٽرلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي جي 9.227 ٽرلين رپين جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، مالي سال جي ٻي ٽه ماهي ۾ مجموعي محصول جو ڳاڻيٽو 4.115 ٽرلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 3.642 ٽرلين رپين جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پهرين ڇهه ماهي ۾ ايف بي آر جي محصول جو ڳاڻيٽو 6.161 ٽرلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي جي 5.625 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي ٻي ٽه ماهي ۾ ايف بي آر جي محصول جو ڳاڻيٽو 3.276 ٽرلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 3.062 ٽرلين روپين جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن موجب مجموعي خرچن جو ڳاڻيٽو 7.030 ٽرلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 8.201 ٽرلين رپين جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو گهٽ آهي. پهرين ڇهه ماهي ۾ جاريه خرچن جو ڳاڻيٽو 6.836 ٽرلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي جي 7.702 ٽرلين رپين جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو گهٽ آهي. مارپ اپ ادائگين جو ڳاڻيٽو پهرين ڇهه ماهي ۾ 3.564 ٽرلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي عري جي 5.142 ٽرلين رپين جي ڀيٽ ۾ 31 سيڪڙو گهٽ آهي. دفاعي خرچن جو ڳاڻيٽو 1.045 ٽرلين رپيا، گرانٽس جو ڳاڻيتو 880 ارب روپيا، مالي ڏکيائين جو ڳاڻيٽو 663 ٽرلين رپيا، پينشن 504 ارب روپيا ۽ سول گورنمينٽ ۽ ٻين جي خرچن جو ڳاڻيٽو 381 ارب رپيا رهيو. وفاقي بجيٽ جو خسارو 637 ارب رپيا ۽ مجموعي بجيٽ خسارو 542 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ وفاقي بجيٽ جو خسارو 2.313 ٽرلين روپيا جڏهن ته مجموعي بجيٽ جو خسارو 1.538 ٽرلين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. پرائمري بئلنس جو ڳاڻيٽو 4.106 ٽرلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي جي 3.604 ٽرلين روپين جي ڀيت ۾ 14 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن موجب جي ڊي پي جي شرح سان پهرين ڇهه ماهي ۾ مجموعي محصول جو ڳاڻيٽو 7.7 سيڪڙو ۽ ايف بي آر محصول جي شرح 4.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪيوو يو آهي، جيڪو مالي سال جي ساڳئي عرصي ۾ ترتيبوار 8 سيڪڙو ۽ 4.9 سيڪڙو هو. جي ڊي پي جي شرح سان نان ٽيڪس روينيو جي شرح 3 سيڪڙو، مجموعي خرچن جي شرح 5.4 سيڪڙو ۽ پرائمري بئلنس جي شرح 3.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.











