وفاقي گهرو وزير سان اٽليءَ جي گهرو وزير ۽ يورپي يونين جي ڪمشنر جو رابطو، اسلام آباد ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان اٽليءَ جي هم منصب ميٽيو پينٽي ڊوسي ۽ يورپي ڪمشنر ميگنس برنر رابطو ڪيو آهي ۽ اسلام آباد ۾ ٿيل  آپگهاتي حملي جي شديد لفظن ۾  مذمت ڪئي آهي. اٽلي جي گهرو وزير ميٽيو پينٽي ڊوسي دهشتگرداڻي حملي ۾ ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان افسوسناڪ واقعي جي خبر ٻڌي …

اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان اٽليءَ جي هم منصب ميٽيو پينٽي ڊوسي ۽ يورپي ڪمشنر ميگنس برنر رابطو ڪيو آهي ۽ اسلام آباد ۾ ٿيل  آپگهاتي حملي جي شديد لفظن ۾  مذمت ڪئي آهي. اٽلي جي گهرو وزير ميٽيو پينٽي ڊوسي دهشتگرداڻي حملي ۾ ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان افسوسناڪ واقعي جي خبر ٻڌي دلي صدمو رسيو آهي. اٽلي جي حڪومت ۽ عوام ان ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني ڀينرن ۽ ڀائرن ۽ متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهي. اسان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪيون ٿا ۽ ان گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تعاون لاءِ تيار آهيون. ٻئي پاسي يورپي ڪمشنر ميگنس برنر به متاثرن جي پونئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ اسان جون دعائون پاڪستاني عوام سان گڏ آهن. وفاقي گهرو وزير عالمي اڳواڻن پاران يڪجهتي جي پيغام تي سندن ٿورو مڃيو. هن دهشتگردي خلاف پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان پوري دنيا لاءِ هڪ ڍال جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اڄ دنيا کي امن دشمن عنصرن کان محفوظ رکڻ لاءِ عالمي سطح تي اڳ کان وڌيڪ مضبوط ۽ مربوط قدمن جي ضرورت آهي.

مزید خبریں