سال 2026ع جي پهرين پوليو جي روڪٿام واري قومي مهم ڪاميابي سان مڪمل، سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 43 لک کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پياريا ويا

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر مطابق سال 2026ع جي پهرين پوليو جي خاتمي واري قومي مهم ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي آهي. جنهن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 43 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا. اين اي او سي جي جاري ڪيل تفصيلن موجب پوليو جي روڪٿام واري مهم کي ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي سهڪار ۽ شرڪت …

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر مطابق سال 2026ع جي پهرين پوليو جي خاتمي واري قومي مهم ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي آهي. جنهن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 43 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا. اين اي او سي جي جاري ڪيل تفصيلن موجب پوليو جي روڪٿام واري مهم کي ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي سهڪار ۽ شرڪت تي سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جو ٿورو ادا ڪيو ويو آهي. بيان موجب پوليو مهم ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ پوليو ورڪرز ۽ سيڪيورٽي اهلڪار قوم جا حقيقي هيروز آهن، جن ڏکين حالتن ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪيون. انگن اکرن مطابق پنجاب ۾ 2 ڪروڙ 29 لک کان وڌيڪ ٻارن، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 5 لک کان وڌيڪ ٻارن، خيبر پختونخوا ۾ اٽڪل 71 لک 30 هزار کان وڌيڪ ٻارن ۽ بلوچستان ۾ 23 لک 63 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا. جڏهن ته اسلام آباد ۾ 4 لک 55 هزار، گلگت ۾ 2 لک 61 هزار، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 6 لک 73 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا.

مزید خبریں