صدر آصف علي زرداري پاران جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي کي هيٺئين ايوان جي چونڊن ۾ سندس لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي (ايل ڊي پي) جي تاريخي ۽ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي جنهن جي نتيجي ۾ پارٽي هيٺئين ايوان ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪئي. سومر تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته هي …

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي کي هيٺئين ايوان جي چونڊن ۾ سندس لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي (ايل ڊي پي) جي تاريخي ۽ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي جنهن جي نتيجي ۾ پارٽي هيٺئين ايوان ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪئي. سومر تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته هي فيصلائتي چونڊ ڪاميابي جاپان جي عوام جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي جي قيادت تي مڪمل اعتماد ۽ جاپان کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جي عزم جي عڪاس آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته غير معمولي عوامي مينڊيٽ، جيڪو 1955ع کانپوءِ پارٽي لاءِ هڪ رڪارڊ آهي، جاپان لاءِ هڪ نازڪ موڙ تي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي جي پاليسي جي رُخ ۽ طرزِ حُڪمراني جي ايجنڊا جي عوامي توثيق جو مظهر آهي. هن وزيراعظم سانائي تاڪائيچي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو جاپاني عوام پاران کيس سونپيل ذميواريون ڪاميابي سان نڀائيندي ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾، جاپان استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن رهندو. صدر پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش کي به ورجايو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام فائدو حصل ڪري سگهي.

مزید خبریں