اسلام آباد -08 فيبروري (اي پي پي) ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان جي دوري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي جو آغاز ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ 28 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحُون ٿيُون آهن، جن جو جنهن ۾ سالياني واپاري ماپي کي 2 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب …
ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي جو آغاز

مزید خبریں
اسلام آباد -08 فيبروري (اي پي پي) ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان جي دوري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي جو آغاز ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ 28 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحُون ٿيُون آهن، جن جو جنهن ۾ سالياني واپاري ماپي کي 2 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب اهو دورو عالمي واپاري رستن ۾ تبديلين ۽ توانائي ۽ خوراڪ جي تحفظ تي وڌندڙ خدشن جي تناظر ۾ ٿيو، جنهن اسلام آباد ۽ تاشقند جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط ڪرڻ ۽ وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ ۾ علائقائي رابطي کي بهتر بڻائڻ جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف هڪ هڪ گڏيل پڌرنامي تي صحيحُون ڪيُون جنهن ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي عزم جي تصديق ڪئي وئي. انهن ايندڙ پنجن سالن ۾ ٻطرفي واپار کي 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ لاءِ هڪ اهم معاهدو پڻ مُڪمل ڪيو. صحيحُون ٿيل دستاويزن ۾ پرڏيهي معاملن، ترجيحي واپار، دفاع، موسمياتي تبديلي، زراعت، خوراڪ جي حفاظت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائنس، تعليم، ثقافت، سامونڊي معاملن، دوائن، ڪپڙي جي صنعت، کاڻين جي کوٽائي، جيو سائنسز، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار، راندين ۽ منشيات جي خلاف ڪارروائي جي ضعبن ۾ تعاون شامل آهن.











