اسلام آباد -08 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير حڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ترڪيه جي پرڏيهي وزير حڪان فيدان صدر رجب طيب اردگان ۽ پنهنجي پاران ۽ برادر ترڪ عوام پاران اسلام آباد ۾ مسجد بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير حڪان فيدان جو ٽيليفونڪ رابطو

مزید خبریں
اسلام آباد -08 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير حڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ترڪيه جي پرڏيهي وزير حڪان فيدان صدر رجب طيب اردگان ۽ پنهنجي پاران ۽ برادر ترڪ عوام پاران اسلام آباد ۾ مسجد بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪ قيادت جي يڪجهتي تي ٿورو مڃيو ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي پختي عزم ۽ پنهنجي شهرين جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفه لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون.











