چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف جو ملائيشيا جو سرڪاري دورو

راولپنڊي-08 فيبروري (اي پي پي) چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف (نشان امتياز (ملٽري، تمغه بسالت) ملائيشيا جو سرڪاري دورو ڪيو، جتي هن رائل ملائيشين نيوي جي قيادت سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب هن رائل ملائيشين نيوي هيڊ ڪوارٽرز ۾ رائل ملائيشين نيوي جي چيف ايڊمرل ڊاڪٽر ذوا الهلمي بن اثنين سندس آجيان ڪئي ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي …

راولپنڊي-08 فيبروري (اي پي پي) چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف (نشان امتياز (ملٽري، تمغه بسالت) ملائيشيا جو سرڪاري دورو ڪيو، جتي هن رائل ملائيشين نيوي جي قيادت سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب هن رائل ملائيشين نيوي هيڊ ڪوارٽرز ۾ رائل ملائيشين نيوي جي چيف ايڊمرل ڊاڪٽر ذوا الهلمي بن اثنين سندس آجيان ڪئي ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن اسٽريٽجڪ نظرياتي جي هم آهنگي، آپريشنل تعاون ۾ اضافي، صلاحيتن جي تعمير ۽ سامونڊي سلامتي جي چئلينجز جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. ايڊمرل نويد اشرف ريجنل ميري ٽائيم سيڪيورٽي پيٽرولز ۽ ڪمبائنڊ ميري ٽائيم فورسز ۾ علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان نيوي جي شرڪت کي اجاگر ڪيو. چيف آف نيول اسٽاف ملائيشيا جي نيشنل هائيڊرو گرافڪ سينٽر جو پڻ دورو ڪيو، جتي هن پاڪستان جي نيشنل هائيڊرو گرافڪ آفيس سان گڏ تربيت، ڊيٽا جي مٽاسٽا ۽ پيشيواراڻي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريو. دوري دوران پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ پراڻي سامونڊي شراڪتداري جي توثيق ڪندي مستقبل جي رجحانن تي مشتمل سامونڊي تعاون جي عزم کي ٻيهر اجاگر ڪيو ويو.

مزید خبریں