واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ڪينيڊا جي عالمي واپار واري وزير منيندر سڌو وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ واپار ۾ تنوع ۽ روايتي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ۽ معدنيات ۽ مائيننگ کي سيڙپڪاري لاءِ نيون ترجيحون قرار ڏنو ويو آهي. جاري بيان موجب وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ڪينيڊا جي عالمي واپار واري وزير منيندر سڌو وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ …

اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ واپار ۾ تنوع ۽ روايتي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ۽ معدنيات ۽ مائيننگ کي سيڙپڪاري لاءِ نيون ترجيحون قرار ڏنو ويو آهي. جاري بيان موجب وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ڪينيڊا جي عالمي واپار واري وزير منيندر سڌو وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ زرعي واپار کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪينولا شپمنٽس جي بحالي کي اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو. ڪينيڊا پاران پاڪستاني فيصلي تي ڪينولا جي روانگي واپار جي بحالي جي تعريف ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن ٻه طرفه اقتصادي لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي واپار ۾ تنوع ۽ روايتي شعبن سان سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان ٽيڪسٽائيل، چمڙي، زرعي مصنوعات، سرجيڪل اوزارن ۽ اسپورٽس گڊز ۾ روانگي واپار جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو، جڏهن ته ويليو ايڊڊ فوڊ پروسيسنگ ۾ پاڪستان جي وڌندڙ صلاحيت کان آگاهه ڪيو ڪندي معدنيات ۽ مائيننگ جي شعبي کي سيڙپڪاري لاءِ نيون ترجيحون قرار ڏنو ويو. ڄام ڪمال خان ڪينيڊين ڪمپنين کي پاڪستان جي معدني شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ فني ۽ پاليسي سطح تي رابطا جاري رکڻ ۽ بي ٽو بي رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين به ٽيلي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں