پوليو جي روڪٿام واري مهم مڪمل، سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 41 لک کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پياريا ويا

اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي) هلندڙ سال پوليو جي روڪٿام واري پهرين مهم پنهنجي پڄاڻي تي پهچي وئي، جنهن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 41 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا. اين اي او سي جي جاري ڪيل تفصيل موجب 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جا والدين پوليو ٽيم سان رابطي لاءِ 1166 تي ڪال يا 03467776546 تي واٽس ايپ پيغام موڪلي …

اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي) هلندڙ سال پوليو جي روڪٿام واري پهرين مهم پنهنجي پڄاڻي تي پهچي وئي، جنهن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 41 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا. اين اي او سي جي جاري ڪيل تفصيل موجب 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جا والدين پوليو ٽيم سان رابطي لاءِ 1166 تي ڪال يا 03467776546 تي واٽس ايپ پيغام موڪلي سگهن ٿا. جاري ڪيل انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 2 ڪروڙ 29 لک کان وڌيڪ ٻارن، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 4 لک کان وڌيڪ ٻارن، خيبر پختونخوا ۾ اٽڪل 71 لک ٻارن ۽ بلوچستان ۾ 23 لک 24 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا. جڏهن ته اسلام آباد ۾ 4 لک 55 هزار، گلگت ۾ 2 لک 61 هزار، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 6 لک 73 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا.

مزید خبریں