اسلام آباد -07 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايراني سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ايراني سفير رضا اميري مقدم اسلام آباد ۾ امام بارگاهه ۾ ٿيل افسوسناڪ ڌماڪي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ دهشتگردي جي هر قسم ۽ شڪل خلاف پاڪستان جي پختي عزم کي ورجايو. ايراني سفير …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايراني سفير رضا اميري مقدم جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -07 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايراني سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ايراني سفير رضا اميري مقدم اسلام آباد ۾ امام بارگاهه ۾ ٿيل افسوسناڪ ڌماڪي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ دهشتگردي جي هر قسم ۽ شڪل خلاف پاڪستان جي پختي عزم کي ورجايو. ايراني سفير نائب وزيراعظم کي مختلف ٻطرفي ادارتي طريقيڪار تحت حاصل ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جنهن جو مقصد مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. نائب وزيراعظم گڏيل دلچسپي جي اهم ترجيحي شعبن ۾ ايران سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو.











