اسلام آباد -07 فيبروري (اي پي پي) اسلام آباد ۾ ترلائي ڪلان امام بارگاهه جي شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. ڇنڇر ڏينهن سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سيد نيئر حُسين بُخاري، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر راجا خرم نواز به شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز کانپوءِ خاندانن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري انهن جي …
اسلام آباد ۾ ترلائي ڪلان امام بارگاهه جي شهيدن جي جنازي نماز ادا

مزید خبریں
اسلام آباد -07 فيبروري (اي پي پي) اسلام آباد ۾ ترلائي ڪلان امام بارگاهه جي شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. ڇنڇر ڏينهن سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سيد نيئر حُسين بُخاري، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر راجا خرم نواز به شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز کانپوءِ خاندانن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري انهن جي حوصلي کي ساراهيندي چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن، دهشتگردي خلاف هي قربانيون ضايع نه ٿينديون، اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪارروائيُون ڪري رهيا آهن. طارق فضل چوڌري چيو ته اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ امن ۽ امان کي يقيني بڻائي رهيا آهيُون، دهشتگرد هن قوم جا حوصلا نٿا ٽوڙي سگهن.











