سالن جي معاشي ڏُکيائين، سياسي عدم استحڪام ۽ قدرتي آفتن کان پوءِ مجموعي طور پاڪستان جو عوامي مزاج محتاط انداز ۾ بهتريءَ طرف گامزن آهي: خرم شهزاد

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته سالن جي معاشي ڏُکيائين، سياسي عدم استحڪام ۽ قدرتي آفتن کان پوءِ مجموعي طور تي پاڪستان جو عوامي مزاج محتاط انداز ۾ بهتريءَ طرف گامزن آهي ۽ ان اڳڀرائيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ مسلسل معاشي استحڪام، اثرائتي طرزِ حڪمراني ۽ جامع ترقي مُک اهميت رکندڙ آهن. ايڪس تي جاري پيغام ۾ هن چيو …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته سالن جي معاشي ڏُکيائين، سياسي عدم استحڪام ۽ قدرتي آفتن کان پوءِ مجموعي طور تي پاڪستان جو عوامي مزاج محتاط انداز ۾ بهتريءَ طرف گامزن آهي ۽ ان اڳڀرائيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ مسلسل معاشي استحڪام، اثرائتي طرزِ حڪمراني ۽ جامع ترقي مُک اهميت رکندڙ آهن. ايڪس تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته گيلپ سروي 2025ع جي حوالي سان ٻُڌايو ته 2025ع ۾ پاڪستان ۾ عوامي جذبن ۾ بهتري ڏٺي وئي، جيتوڻيڪ ماڻهو مستقبل بابت اڃا به محتاط آهن، 31 سيڪڙو پاڪستانين جو چوڻ آهي ته زندگيءَ جو معيار بهتر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته 2023ع ۾ اها شرح صرف 15 سيڪڙو هئي، معاشي طور تي پُراميدي ۾ واڌ ٿي، 2025ع ۾ 25 سيڪڙو ماڻهن مقامي معيشت ۾ بهتريءَ جي ڳالهه ڪئي، جڏهن ته 2024ع ۾ اها شرح 12 سيڪڙو هئي، اها بهتري معاشي استحڪام کانپوءِ سامهون آئي، جنهن ۾ ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي (مئي 2023ع ۾ تقريبن 40 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 6 سيڪڙو کان به گهٽ)، مضبوط ٿيندڙ ڪرنسي ۽ وڌندڙ ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا شامل آهن. هن چيو ته سروي ۾ قيادت جي مقبوليت وڌي 36سيڪڙو تائين پهچي وئي، جيڪا 2020ع کانپوءِ بلند ترين سطح آهي. بدعنواني بابت ڪاٽو تاثر 2023ع جي رڪارڊ بلند سطح کان گهٽ آهي. سروي ۾ 25 سيڪڙو ماڻهن کي خوشحال ۽ 19 سيڪڙو کي ڏُکيائين جو شڪار قرار ڏنو ويو، جيڪا 2024ع ۾ ڏٺل انتهائي گهٽ سطح سان واضح تبديلي آهي. فلاح ۽ بهبود ۾ اها بهتري صنف، عمر، آمدني ۽ شهري ۽ ٻهراڙي سمورن طبقن ۾ هڪجهڙي ڏٺي وئي.

مزید خبریں