عملدار توانائي جي شعبي بابت ڊيٽا تائين عوامي پهچ يقيني بڻائين: سردار اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) پاور ڊويزن بابت وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ باخبر پاليسي سازيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم قدمن تحت توانائيءَ جي شعبي بابت مستند ۽ جامع ڊيٽا کي عوام، محققن، توانائي جي ماهرن ۽ شاگردن لاءِ پهچ جوڳي بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي.  پاور ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته درست ۽ …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) پاور ڊويزن بابت وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ باخبر پاليسي سازيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم قدمن تحت توانائيءَ جي شعبي بابت مستند ۽ جامع ڊيٽا کي عوام، محققن، توانائي جي ماهرن ۽ شاگردن لاءِ پهچ جوڳي بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي.  پاور ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته درست ۽ اعتماد جوڳي ڄاڻ تائين کُليل رسائي بابت ڌُرين کي پاور سيڪٽر جي بهتريءَ لاءِ تعميري ۽ بامعنيٰ تجويزون پيش ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته شاهدين تي ٻَڌل ڳالهيون ۽ اثرائتا سڌارا ان صورت ممڪن آهن جڏهن ڊيٽا ۾ شفافيت موجود هجي. وفاقي وزير چيو ته توانائيءَ شعبي بابت ڄاڻ کي آسان ۽ وقت سر فراهميءَ سان نه صرف احتساب جي عمل کي هٿي ملندي پر عوام جو اعتماد به مستحڪم ٿيندو. سندس چوڻ هو ته انهن قدمن ذريعي قياس آرائين، غلط ڄاڻ ۽ـ پاور سيڪٽر بابت نامڪمل يا غير مستند انگ اکرن تي ٻَڌل خبرن جي حوصله شڪني ممڪن ٿي سگهندي. هن شفافيت ۽ باخبر فيصله سازي جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته توانائي جي شعبي جي ڊيٽا تائين پهچ تحقيق، جدت ۽ ڊگهي مُدي واري منصوبا بنديءَ جي عملي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائيندي.

مزید خبریں