اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ترلائي امام بارگاهه ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته نمازين کي نشانو بڻائڻ انتهائي …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران ترلائي امام بارگاهه ڌماڪي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ترلائي امام بارگاهه ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته نمازين کي نشانو بڻائڻ انتهائي بزدلاڻو، انسانيت سوز ۽ قابل نفرت فعل آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، ذميوارن کي سخت سزا ڏياري ويندي. هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان خراب ڪرڻ ۽ فرقيواراڻي هم آهنگي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. رياست عوام جي جان ۽ مال ۽ مسجدن ۽ امام بارگاهن جي تحفظ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. وفاقي وزير چيو ته شرپسند عنصرن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڪارروايون جاري رکيون وينديون.











