اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف ٻنهي ملڪن جي اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۾ ڪاروباري برادري جي ڪردار کي اهم قرار ڏيندي يقين ڏياريو آهي ته ڪاروبار جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، ٻنهي ملڪن جا سيڙپڪار ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻي عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي سگهن ٿا، ٻنهي ملڪن جي نجي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف پاران ٻنهي ملڪن جي اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۾ ڪاروباري برادري جو ڪردار اهم قرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف ٻنهي ملڪن جي اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۾ ڪاروباري برادري جي ڪردار کي اهم قرار ڏيندي يقين ڏياريو آهي ته ڪاروبار جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، ٻنهي ملڪن جا سيڙپڪار ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻي عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي سگهن ٿا، ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ 3 ارب 40 ڪروڙ ڊالر جي ٺاهن تي عملدرآمد اهم اڳڀرائي آهي. هو پاڪستان ۽ بزنس جي واپاري ماپي ۾ اضافي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ جي حوالي سان پاڪستان – ازبڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کانسواءِ ٻنهي ملڪن جا وزير، اعليٰ سرڪاري عملدار ۽ بزنس ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ نمايان شخصيتون پڻ موجود هيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته تاشقند بزنس فورم جيڪو انتهائي تعميري ثابت ٿيو، کانپوءِ ڪئي ويندڙ سڌارن ۽ قدمن جي نتيجي ۾ ٻطرفي واپار جي ماپي ۾ اضافو ٿيو ۽ اهو گذريل سال وڌي 450 ملين ڊالر تائين پهچي ويو. هن پاڪستان – ازبڪستان بزنس فورم جي شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ پاڪستان ازبڪستان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۽ واپاري رابطن ۾ اضافي کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ 3 ارب 40 ڪروڙ ڊالر جي ٺاهن تي عملدرآمد اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته گڏيل اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ بزنس فورم هڪ موثر پليٽ فارم آهي، گڏيل واپار جو ماپو 2 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، توانائي، زراعت، ٽيڪسٽائيل جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي اتفاق ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ گڏيل واپار جي وڌيڪ فروغ جي صلاحيت موجود آهي. هن حڪومت جي معاشي قدمن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته مهانگائي جي شرح 30 سيڪڙو گهٽ ڪري سنگل ڊيجيٽ تي آندي آهي، پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي، 2023ع ۾ اقتصادي حالت خراب هئي، معاشي چئلينجز تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. هن پاڪستان جي آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي جو ذڪر ڪندي چيو ته گذريل سال 18 سيڪڙو اضافي سان برآمدات 3.8 ارب ڊالر ممڪن ٿي، ازبڪستان جو صدر ان سلسلي ۾ خصوصي مهارت رکي ٿو، سندس قابليت، ويزن ۽ اڻٿڪ عزم مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، سندس قيادت ۾ ازبڪستان جي مجموعي پيداوار گذريل 10 سالن ۾ ٻيڻي ٿي، ازبڪ قيادت 85 لک ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، بيروزگاري ۾ گهٽتائي ڪئي. وزيراعظم ٻڌايو ته دوري دوران قدرتي وسيلن، صحت، ٽرانسپورٽ ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي اتفاق ٿيو، ازبڪستان ۾ چانور ۽ پٽاٽي جي گهرج کي پورو ڪيو ويندو، چمڙي جي مصنوعات، مائنز اينڊ منرلز، حلال گوشت سميت پاڪستان ڪيتريون ئي شيون برآمد ڪري سگهي ٿو، پاڪستان جا ٽيڪسٽائيل برآمد ڪندڙ ازبڪستان ۾ پلانٽس لڳائڻ جا خواهشمند آهن، ٽيڪسٽائيل پلانٽس سان ٻنهي ملڪن کي معاشي فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان ڀرپور ملڪ آهي، ازبڪستان ان مان فائدو کڻي سگهي ٿو، اسان ازبڪ ڪمپنين کي سيڙپڪاري جو محفوظ ۽ پرڪشش ماحول فراهم ڪنداسين، ازبڪ واپاري تجويزون آڻين، بيوروڪريسي ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ جو سبب نه بڻجندي، ڪاروبار جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو ۽ ڪاروبار کي ڳاڙهي ڦيٿي جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين. وزيراعطم چيو ته سياحت جي فروغ جي لاءِ پي آءِ اي اڏامون وڌايون وينديون. ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف بزنس فورم کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاروباري طبقو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ اهم ڪردار رکندڙ آهي، انهن کي ڪاروبار جي لاءِ هر طرح جي سهولت فراهم ڪنداسين ۽ رڪاوٽون ختم ڪنداسين. هن ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته اهي مسئلن ۽ رڪاوٽن جي نشاندهي ڪن، گڏيل حصيداري جي ذريعي اڳتي وڌندي ٻئي ملڪ فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته هو پنهنجي ڀاءُ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قائداڻي صلاحيتن جو معترف آهي، پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا گهڻ رخي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن، بزنس فورم ۾ معاهدن تي عمدلرآمد سان گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته ازبڪ حڪومت ۽ عوام پاڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، ٻنهي ملڪن جا سيڙپڪار ۽ واپاري هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي رهيا آهن، بزنس فورم ۽ دوري سان ٻنهي ملڪن ۾ واپاري تعاون کي سگهه ملندي. هن طئي ٿيندڙ گڏيل ٺاهن تي موثر عملدرآمد جي لاءِ عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ازبڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول دستياب آهي. هن پاڪستاني سيڙپڪارن کي دعوت ڏني ته اهي ازبڪستان اچن ۽ مارڪيٽ جو جائزو وٺن، ٻنهي ملڪن جا سيڙپڪار گڏجي ڪم ڪن ته عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪري سگهن ٿا. ازبڪستان جي صدر چيو ته پاڪستان کي جراحي اوزارن ۽ دوائن جي تياري ۾ تعاون فراهم ڪنداسين، ٽيڪسٽائيل ۾ پاڪستاني سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن پاڪستاني واپارين جي لاءِ 10 سالن جي لاءِ ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ ڀرپور تعاون جي لاءِ تيار آهيون، 2026ع گڏيل تعاون تي ٻڌل حصيداري جي فروغ جو سال هوندو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڏامون وڌائڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ازبڪستان جي صدر پروفيسر ۽ ڊاڪٽر جو ٽائٽل ڏيڻ تي پڻ ٿورا ادا ڪيا. بزنس فورم دوران پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي ٺاهن جي مٽاسٽا ٿي جن ۾ ٽيڪسٽائيل مصنوعات جي پيداوار ۽ روانگي واپار جو فروغ، تاشقند ليدر زون قائم ڪرڻ، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ تعاون ۽ زراعت، لائيو اسٽاڪ، ڊيري فارمنگ ۽ طبي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي دستاويزن جي مٽاسٽا شامل آهي.











