اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان 2029ع تائين گڏيل واپار جو ماپو ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل قائم ڪرڻ کي گڏيل لاڳاپن ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو آهي، ازبڪستان – افعانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي جي جلد تڪميل جي خواهش جو اظهار ڪندي افغانستان تي زور ڏنو ويو آهي ته هو دهشتگردن جي خطرن کي …
پاڪستان ۽ ازبڪستان پاران 2029ع تائين گڏيل واپار جو ماپو ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ، اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل قائم ٿيڻ گڏيل لاڳاپن ۾ اهم سنگ ميل قرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان 2029ع تائين گڏيل واپار جو ماپو ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل قائم ڪرڻ کي گڏيل لاڳاپن ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو آهي، ازبڪستان – افعانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي جي جلد تڪميل جي خواهش جو اظهار ڪندي افغانستان تي زور ڏنو ويو آهي ته هو دهشتگردن جي خطرن کي منهن ڏيڻ، افغانستان ۾ قائم سمورين دهشتگرد تنظيمن کي ختم ۽ تحليل ڪرڻ جي لاءِ فوري ٺوس قدم کڻي جيڪي علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي لاءِ سنگين خطرو پيدا ڪري رهيون آهن ۽ دهشتگرد تنظيمن کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال کان روڪي. پرڏيهي آفيس پاران ازبڪستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان جاري گڏيل پڌرنامي موجب ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي 5 کان 6 فيبروري تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو جنهن دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر شوڪت مرزائيوف جي وچ م ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي جامع ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي جن ۾ موجوده ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي امڪانن تي غور ڪيو ويو. ڌرين هڪ ٻئي جي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جي حمايت ڪندي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڊگهي مدي واري قومي مفادن سان هم آهنگ پائيدار ترقي جي فروغ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تعاون جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل جي امڪانن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي، ڪنيڪٽويٽي، واپار، ثقافت، سياحت، رانديون ۽ عوامي رابطا شامل آهن. ٻنهي اڳواڻن سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ کانپوءِ گذريل 34 سالن ۾ قائم ٿيندڙ مضبوط تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا پراڻي دوستي ۽ گهري تاريخي، ٿقافتي ۽ روحاني رشتن جي بنياد تي قائم آهن، اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ٻنهي قومن جي بنيادي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – ازبڪستان لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ اعليٰ قيادت جي سطح تي وڌندڙ رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف جي فيبروري 2025ع جي ازبڪستان جي دوري، جولاءِ 2025ع ۾ آذربائيجان جي شهر خان ڪندي ۾ اي سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۽ گڏيل رابطن کي تازو ڪندي هر سطح تي باقاعده سياسي ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ڌرين 26 فيبروري 2025ع تي صحيحون ٿيل وزيراعظم پاڪستان جي ازبڪستان جي دوري جي نتيجن بابت گڏيل پڌرنامي سان پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪندي چيو ته فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ تيار ڪيل روڊ ميپ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ جامع فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. ٻنهي اڳواڻن فيبروري 2025ع ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) قائم ڪرڻ جي فيصلي کي اهم سنگ ميل قرار ڏنو. ان موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف جي پاڪستان جي دوري دوران ايڇ ايل ايس سي سي جي پهرين اجلاس جي آجيان ڪئي وئي جنهن ۾ لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺي اهم فيصلا ڪيا ويا. ٻنهي اڳواڻن پارليامينٽن جي ڪردار کي ساراهيندي بين الپارلياماني تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ اپريل 2025ع ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي تاشقند جي دوري ۽ سيپٽمبر 2025ع ۾ ازبڪ پارليامينٽ جي اسپيڪر جي اسلام آباد جي دوري جي مثبت نتيجن جو ذڪر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل بين الحڪومتي ڪميشن جي ڪردار کي ساراهيو ۽ 2 فيبروري 2026ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ڏهين اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. علائقائي رابطن ۽ ترقي جي لاءِ ڪنيڪٽيوٽي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي جي فريم ورڪ معاهدي جي آجيان ڪئي ۽ ان جي جلد تڪميل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين ترمذ – خرلاچي روٽ جي متفقه منظوري ۽ فزيبلٽي اسٽڊي جي گڏيل مالي مدد تي اتفاق کي ساراهيو. ملٽي ماڊل ٽرانسپورٽ تي مفاهمتي يادداشت جي آجيان ڪندي پاڪستان جي بندرگاهن تائين ازبڪ سامان کي پهچ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي لاڳاپن کي ٻطرفي لاڳاپن ۾ مرڪزي حيثيت ڏيندي 2029ع تائين 2 ارب ڊالر واپاري هدف کي حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صنعتي زونز جي گڏيل انتظام ۽ بين العلائقائي فورم قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته پهريون علائقائي فورم 2026ع ۾ ازبڪستان ۾ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. پي ٽي اي جي ٻئي مرحلي، سيڙپڪاري معاهدي، ايس پي ايس قدمن ۽ گڏيل منصوبن تي اڳڀرائي کي ساراهيو ويو. ٻنهي ملڪن عظيم شاهراهه ريشم جي ورثي جي بنياد تي وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ ۾ ثقافتي تعاون ۽ اردو ۽ ازبڪ زبانن جي وچ ۾ تعلق جي احيا ۽ گڏيل ثقافتي ورثي جي ذريعي تعاون وڌائيندي ثقافتي ڏڻن، اڪيڊمڪ مٽاسٽا جي ذريعي عوامي رابطا وڌائڻ ۽ اهڙي طرح علائقائي امن، انٽيلڪچوئل گروٿ ۽ گڏيل خوشحالي کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن بابري ورثي جي تحفظ ۽ فروغ عي معاهدي کي ساراهيو ۽ ان کي ٻنهي قومن جي گڏيل تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ ثقافتي تعاون جي فروغ جي لاءِ اهم قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ تعليم ۽ تحقيق ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي اڪيڊميا جي وچ ۾ تعاون کي اداراجاتي شڪل ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ڌرين اعليٰ تعليم جي هڪ ٻئي جي ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ وڌندڙ دلچسپي جو ذڪر ڪندي اڪيڊمڪ حصيداري، گڏيل تحقيق ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ قدمن تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن قومي ميڊيا جي ادارن جي وچ ۾ پائيدار تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي 2022ع جي براڊ ڪاسٽنگ ايگريمنٽ، ڪانٽينٽ جي مٽاسٽا ۽ ”گڏيل ديلار“ جي عنوان سان دستاويزي فلم جيڪا موجوده ٻطرفي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي، جي گڏيل تياري تي عملدرآمد سميت اهم هدف حاصل ڪرڻ کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن شاهراهه ريشم تي عالمي فلم فيسٽيول ۾ شرڪت جي لاءِ تعاون وڌائڻ ۽ ميڊيا جي ذريعي تعاون جي فروغ بشمول ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ ازبڪستان ٽي وي جي وچ ۾ صحيحون ٿيل ايم او يو تحت گڏيل نيوز بليٽن، صحافين جي مٽاسٽا، ٺوس مواد جي تياري تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياحت جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو جن ۾ اعليٰ سطحي سياسي رابطن جو فروغ ۽ تاشقند – اسلام آباد، تاشقند – لاهور جي لاءِ سڌوسنئون اڏامون شامل آهن. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته سياحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون جا موقعا وڌائي سگهجن ٿا. ٽوئرازم ورڪنگ گروپ جنهن جي ذريعي گڏجي سياحت جي تشهير ۽ مارڪيٽنگ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي، جي ذريعي سياحتي تعاون کي اداراجاتي شڪل ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ڌرين سلامتي ۽ دفاع جي شعبي ۾ باقاعده ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ ۽ تعميري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪندي دفاعي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ان ڏس ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تازي رابطي جي آجيان ڪئي جنهن ۾ اسٽاف ڳالهه ٻولهه ۽ اعليٰ سطحي مٽاسٽا شامل آهي، ان شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي اڳواڻن گڏيل فوجي مشقن ۽ تربيتي سرگرمين ۾ گڏيل شرڪت جاري رکڻ، پيشيواراڻي ترقي، بهترين طريقيڪار جي مٽاسٽا ۽ ٻنهي ملڪن جي فوجي ادارن جي وچ ۾ تعاون جي ميدان ۾ حصيداري تي اتفاق ڪيو. اڳواڻن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ خاص طور تي دهشتگردي، عليحدگي پسندي ۽ انتهاپسندي جهڙن ٽن وڏن مسئلن سميت منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف جدوجهد ۾ تعاون وڌائڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو. گهڻ رخي فورمز تي ويجهي هم آهنگي جي اهميت تي زور ڏيندي پاڪستان ۽ ازبڪستان دنيا کي درپيش پيچيده چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل قومن ۽ ان جي ادارن جي مرڪزي ڪردار کي اجاگر ڪيو. ڌرين گڏيل قومن جي منشور ۽ ان جي مقصدن ۽ اصولن سان پنهنجي وابستگي جي توثيق ڪئي. هنن گهڻ رخي فورمز تي هڪ ٻئي جي قدمن تي مثبت غور ڪرڻ جو وچن ڪيو. ڌرين عالمي قانون ۽ معاهدن جي انهن اصولن جي احترام ۽ پاسداري جي ضرورت تي زور ڏنو جن جي ذريعي سرحد پار دريائن جي پاڻي وسيلن جو معقول، موثر ۽ پائيدار استعمال ٿئي ٿو. جمهوريه ازبڪستان 2025 – 2026ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي ڪارائتي خدمتن کي ساراهيو ۽ جون 2025ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پاڪستان جي ڪامياب صدارت تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف 2025ع ۾ ثمرقند ۾ يونيسڪو جي جنرل ڪانفرنس جي 43هين اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف کي مبارڪباد ڏني ۽ ثقافتي مڪالمي ۽ عالمي تعاون جي فروغ جي لاءِ ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. جمهوريه ازبڪستان 2026 – 2027ع جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي چيئرمين جي حيثيت سان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي ڪردار جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. جمهوريه ازبڪستان 2025 – 2026ع جي مدي لاءِ ايس سي او جي ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر (آر اي ٽي ايس) ۽ 2026 – 2027ع جي مدي لاءِ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي اسلامي جمهوريه پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. ٻنهي ڌرين پاڪستان جي چيئرمين شپ دوران ويجهي هم آهنگي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ٻنهي تنظيمن جي اهم ڪم کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. ڌرين عالمي تنظيمن خاص طور تي اهم ڪم کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. ڌرين عالمي تنظيمن خاص طور تي گڏيل قومن ۾ مختلف عهدن جي لاءِ هڪ ٻئي جي اڳتي جي نامزدگين تي مُناسب غور ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستاني ڌر عالمي واپاري تنظيم (ڊبليو ٽي او) ۾ ازبڪستان جي شموليت بابت ورڪنگ گروپس جي اجلاسن ۾ پنهنجي باقاعده شرڪت ۽ تنظيم ۾ ازبڪستان جي جلد شموليت جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ذڪر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي علائقائي حالتن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ انهن جا بنيادي خدشا ۽ گڏيل دلچسپي جا معاملا شامل آهن. هنن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي منشور، جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ پرامن رابطا پراڻي مسئلن ۽ تڪرارن جي حل ۽ ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ لازمي آهن. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت کي خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ عمومي طور تي ۽ خاص طور تي يو اي پي ريلوي منصوبي جي ڪامياب لاڳو جي لاءِ اهم قرار ڏيندي ٻنهي اڳواڻن افغانستان تي زور ڏنو ته هو دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ، افغانستان ۾ قائم سمورين دهشتگرد تنظيمن کي ختم ۽ تحليل ڪرڻ جي لاءِ فوري ۽ ٺوس قدم کڻي جيڪي علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي لاءِ سنگين خطرا پيدا ڪري رهيون آهن، ان سان گڏوگڏ دهشتگرد تنظيمن کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال کان روڪيو وڃي. ازبڪستان ۽ پاڪستان سڄي دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ تڪرارن جي منصفاڻي حل جي فروغ ۾ پنهنجي تعميري ڪردار جي اهميت جي توثيق ڪئي. ٻنهي ڌرين فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد، خودمختيار ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دوري دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ صحيحون ٿيل ٻطرفا دستاويز اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ جمهوريه ازبڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف اسلام آباد جي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام پاران شاندار مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪيا. صدر شوڪت مرزائيوف جامع تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مناسب وقت تي ازبڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي.











