اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ امام بارگاهه ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ شهادتن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ امام بارگاهه ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ امام بارگاهه ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ شهادتن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلنديءَ ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ۾ واقعي جي مڪمل جاچ ڪري ذميوارن جو فوري تعين ڪرڻ ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن صحت واري وزير کي زخمين جي علاج جي پاڻ نگراني ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڌماڪي جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن کي سخت سزا ڏياري وڃي. هن چيو ته ڪنهن کي ملڪ ۾ شرپسندي ۽ بدامني ڦهلائڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين.











