نئين دهلي -06 فيبروري(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي دبئي ۾ منعقد ورلڊ گورنمينٽس سمٽ ۾ شرڪت ڪئي، اتي هنن يو اي اي ۽ روانڊا جي هم منصبن سان اهم ملاقات ڪئي ۽ اي سي سي هيڊ ڪوارٽر جو دورو به ڪيو. محسن نقوي گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ گهرو وزير ليفٽيننٽ جنرل شيخ سيف بن زيد النهيان سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ …
گهرو وزير محسن نقوي پاران دبئي ۾ ورلڊ گورنمينٽس سمٽ ۾ شرڪت، يو اي اي ۽ روانڊا جي هم منصبن سان ملاقات

مزید خبریں
نئين دهلي -06 فيبروري(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي دبئي ۾ منعقد ورلڊ گورنمينٽس سمٽ ۾ شرڪت ڪئي، اتي هنن يو اي اي ۽ روانڊا جي هم منصبن سان اهم ملاقات ڪئي ۽ اي سي سي هيڊ ڪوارٽر جو دورو به ڪيو. محسن نقوي گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ گهرو وزير ليفٽيننٽ جنرل شيخ سيف بن زيد النهيان سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ – يو اي اي ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل مفادن جي شعبي ۾ سهڪار وڌائن جي عزم جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته گڌيل عرب امارات جي جديد پوليسنگ نظام مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪسچينج پروگرام تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندا. ملاقات ۾ آن لائن دهشتگردي ۽ ٽيررفنانسنگ جي روڪٿام لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو. محسن نقوي روانڊا جي هم منصب سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن وچ ۾ رابطا بهتر بنائڻ لاءِ فوري طور تي فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو. روانڊا جي گهرو وزير پاڪستاني ادارن سان سهڪار وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان کان علاوه گهرو وزير محسن نقوي چيئر مين طور اي سي سي جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ اتي جي معاملن جو جائزو ورتو. ورلڊ گورنمينٽس سمٽ ۾ سموري دنيا جي اڳواڻن ۽ عالمي ماهرن شرڪت ڪئي جتي پاڪستان جي نمائندگي ڪندي گهرو وزير عالمي چئلينجز جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.











