اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بين الصوبائي رابطن بابت صلاحڪار راڻا ثنا الله خان چيو آهي ته عمران کي جيل ۾ عدالتي حڪم موجب سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ سندس علاج سندس مرضي موجب ٿي رهيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ مُخالف ڌُر اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس جي اعتراض واري نڪتي تي وضاحت ڏيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بين الصوبائي رابطن …
عمران خان کي جيل ۾ عدالتي حڪم موجب سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن: رانا ثنا الله

مزید خبریں
اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بين الصوبائي رابطن بابت صلاحڪار راڻا ثنا الله خان چيو آهي ته عمران کي جيل ۾ عدالتي حڪم موجب سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ سندس علاج سندس مرضي موجب ٿي رهيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ مُخالف ڌُر اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس جي اعتراض واري نڪتي تي وضاحت ڏيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بين الصوبائي رابطن بابت صلاحڪار رانا ثنا الله خان چيو ته ته عمران کي جيل ۾ عدالتي حڪم موجب سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ سندس علاج سندس مرضي موجب ٿي رهيو آهي. سينيٽر اعظم سواتي جي اعتراض واري نڪتي تي ڳالهائيندي راڻا ثنا الله چيو ته اعظم سواتي جي ان ڳالهه جي آجيان ڪيون ٿا جنهن ۾ هن اعتراف ڪيو آهي ته هن کان غلطيون ٿيون آهن. هن چيو ته 26 نومبر جي احتجاج کان اڳ هڪ رات ۽ ڏينهن ڳالهين جو عمل جاري رهيو جنهن دوران ڪجهه معاملا طئه ٿيا جڏهن ته پي ٽي آءِ پاران انهن تي عمل نه ڪيو ويو.











