سينيٽ پاران ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق لاءِ جاري منصفاڻي جدوجهد جي اڻٽٽ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جي ورجاءَ تي ٻڌل ٺهراءَ منظور

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي)سينيٽ، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق لاءِ جاري منصفاڻي  جدوجهد جي  اڻٽٽ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جي ورجاءَ تي ٻڌل ٺهراءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سرحدي معاملن واري وزير انجنيئر امير مقام اهو ٺهراءُ پيش ڪيو. ايوان جمعي تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غير …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي)سينيٽ، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق لاءِ جاري منصفاڻي  جدوجهد جي  اڻٽٽ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جي ورجاءَ تي ٻڌل ٺهراءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سرحدي معاملن واري وزير انجنيئر امير مقام اهو ٺهراءُ پيش ڪيو. ايوان جمعي تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني قبضي جي شديد مذمت ڪندي ڪشميري عوام جي جرئت، بهادري، ثابت قدمي ۽ قربانين کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ ڀارت پاران والاريل ڄمون ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪ طرفن ۽ غير قانوني قدمن کان پوءِ ان کي عالمي طور تي تڪراري هجڻ کي ڪمزور ڪرڻ وارين ڪوششن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سينيٽ زور ڀريو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني ۽ تڪراري حيثيت ۾ غير قانوني ۽ هڪ طرفيون تبديليون ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جو متبادل نه ٿيون بڻجي سگهجن. اهو حق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۾ مڃيل آهي. ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو حل، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ ضروري آهي. سينيٽ ڀارت تي زور ڀريو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تي عملدرآمد ڪري ته جيئن ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاد، منصفاڻي ۽ غير جانبدار راءِ شماري ذريعي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهي. 

مزید خبریں