سڄي ملڪ ۾پوليو جي خاتمي واري قومي مهم جاري

اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري هلندڙ سال جي پهرين قومي مهم پنجين ڏينهن به ڪاميابي سان جاري آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) مطابق مهم جي شروعاتي چئن ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 22 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا آهن. نيشنل اي او سي مطابق پنجاب ۾ 2 ڪروڙ 24 …

اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري هلندڙ سال جي پهرين قومي مهم پنجين ڏينهن به ڪاميابي سان جاري آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) مطابق مهم جي شروعاتي چئن ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 22 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا آهن. نيشنل اي او سي مطابق پنجاب ۾ 2 ڪروڙ 24 لک کان وڌيڪ، سنڌ ۾ 95 لک 85 هزار کان وڌيڪ، خيبرپختونخوا ۾ 67 لک 64 هزار کان وڌيڪ، بلوچستان ۾ اٽڪل 20 لک 55 هزار، اسلام آباد ۾ 4 لک 54 هزار کان وڌيڪ، گلگت بلتستان ۾ 2 لک 61 هزار کان وڌيڪ جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 6 لک 73 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ 4 لک کان وڌيڪ پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري رهيا آهن. نيشنل اي او سي والدين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پوليو ورڪرز لاءِ دروازا کولين ۽ پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا لازمي پيارين. نيشنل اي او سي مطابق والدين ۽ ڪميونٽي کي پوليو ورڪرز سان ڀرپور سهڪار جي اپيل ڪئي وئي آهي ته جيئن پوليو جي مڪمل خاتمي جو هدف حاصل ڪري سگهجي. نيشنل اي او سي مطابق پوليو مهم پاڪستان ۽ افغانستان ۾ هڪ ئي وقت منعقد ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں