سيڪيورٽي فورسز پاران خيبر پختونخواه ۾ ٻن جُدا جُدا ڪارروائين ۾ ڀارتي پراڪسي سان تعلق رکندڙ 24 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-6 فيبروري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواه ۾ ٻن جُدا جُدا ڪارروائين ۾ ڀارتي پراڪسي سان تعلق رکندڙ 24 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب 4 ۽ 5 فيبروري 2026ع تي خوارج جي موجُودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز اورڪزئي ضلعي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو ۽ فائرنگ جي …

راولپنڊي-6 فيبروري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواه ۾ ٻن جُدا جُدا ڪارروائين ۾ ڀارتي پراڪسي سان تعلق رکندڙ 24 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب 4 ۽ 5 فيبروري 2026ع تي خوارج جي موجُودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز اورڪزئي ضلعي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ، 14 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪيو. سيڪيورٽي فورسز پاران ٻيو انٽيليجنس آپريشن خيبر ضلعي ۾ ڪيو ويو. هن ڪارروائي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وڌيڪ 10 خوارج ماريا ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي ڀارتي سرپرست خوارجي جي خاتمي جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. نيشنل ايڪشن پلان جي وفاقي ايپڪس ڪميٽي پاران منظور ڪيل وزن "عزم استحڪام” تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران دهشتگردي خلاف هي اڻٿڪ مهم پوري طاقت سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي امداد يافته دهشتگردي جي لعنت جو مڪمل طور تي خاتمو ڪري سگهجي.

مزید خبریں