قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن رد الفتنه ون تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن رد الفتنه ون تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين ۽ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سردار اياز صادق چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن، شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. …

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن رد الفتنه ون تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين ۽ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سردار اياز صادق چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن، شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. اسپيڪر سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارتن کي ساراهيو ۽ شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. هن دهشتگرد حملن ۾ معصوم شهرين جون حياتيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. سردار اياز صادق فوت ٿي ويلن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن، پوري قوم دهشتگردي خلاف پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي. اسپيڪر چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگرد عنصرن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. پاڪستان جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي هر محاذ تي ناڪام بڻايو ويندو. سردار اياز صادق شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڪٽنبن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

مزید خبریں