پاڪستان ۽ ازبڪستان پاران ٻطرفي واپار جو ماپو 5 سالن ۾ 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق، علائقائي رابطن جي فروغ جي حوالي سان مڪمل تعاون جي لاءِ پرعزم آهيون: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد - 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان ٻطرفي واپار جو ماپو 5 سالن ۾ 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪندي مختلف شعبن م تعاون جي فروغ جي لاءِ ايڪشن پلان جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻطرفي واپار ۾ اضافي جو پروٽوڪول معاشي تعاون جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي، پنج سالا پلان تحت تعاون جون نيون راهون …

اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان ٻطرفي واپار جو ماپو 5 سالن ۾ 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪندي مختلف شعبن م تعاون جي فروغ جي لاءِ ايڪشن پلان جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻطرفي واپار ۾ اضافي جو پروٽوڪول معاشي تعاون جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي، پنج سالا پلان تحت تعاون جون نيون راهون ڳوليون وينديون، علائقائي رابطن جي فروغ جي حوالي سان مڪمل تعاون جي لاءِ پرعزم آهيون، آءِ ٽي، زراعت، ٽيڪسٽائيل سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي موقعن مان فائدو کڻنداسين، ويجهي رابطي جي ذريعي تعاون کي عملي شڪل ڏيندي اڳتي وڌڻو آهي، غزه امن بورڊ غزه ۾ امن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ اهم فورم آهي، پراميد آهيون ته غزه ۾ امن واپس ايندو ۽ مسئلو حل ٿيندو، ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلن جو حل پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي، جڏهن ته ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف چيو آهي ته پاڪستان ازبڪستان جو ويجهو دوست ۽ بااعتماد حصيدار آهي، واپار، معيشت ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، عالمي ۽ علائقائي معاملن تي گڏجي اڳتي وڌڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، مستقبل ۾ به ويجها رابطا يقيني بڻائينداسين. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ازبڪستان جي صدر ۽ سندس وفد کي اسلام آباد ۾ پنهنجي ٻئي گهر اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، سندس دوري تي تمام گهڻي خوشي آهي، نه رڳو ازبڪستان جي ڀينرن ۽ ڀائرن پر پاڙيسري ملڪن سان امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ شاندار ڪوششن تي نسٽ اسلام آباد پاران ازبڪستان جي صدر کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ۽ پروفيسرشپ ڏني وئي آهي، پاڪستان ۽ ازبڪستان جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ واپاري ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي لاءِ توهان جي خدمتن تي پاڪستان جو اعليٰ ترين سول ايوارڊ نشان پاڪستان ملڻ تي پڻ مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. نشان پاڪستان جو اعزاز ٻنهي ملڪن جي ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جو عڪاس آهي. گذريل سال فيبروري ۾ ازبڪستان جي دوري دوران شاندار ميزباني ۽ استقبال اڄ به ذهن ۾ تازو آهي، پاڪستان ۽ ازبڪستان جا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، جيڪي سلڪ روٽ سان ڳنڍيل آهن ۽ ثمرقند ۽ بخارا سان هڪ گهرو تعلق انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي، اهي تاريخي حقيقتون اسان جي ويجهي لاڳاپن ۽ شاندار مستقبل جي عڪاس آهن، ٻطرفي لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ مهمان صدر جي ڪردار کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جا لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿيا آهن، اسان اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي افتتاحي اجلاس جي صدارت ڪئي آهي، علائقائي رابطن جي فروغ جي حوالي سان مڪمل تعاون جي لاءِ پرعزم آهيون، اسان مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، زراعت، فارماسيوٽيڪل، ليدر، ليدر شوز، سياحت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو، اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ورڪنگ گروپ ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻطرفي واپار ۾ اضافي جو پروٽوڪول انتهائي اهم سنگ ميل آهي، اهو يقيني طور تي هڪ گيم چينجر هوندو، ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ ٽه ماهي بنيادن تي اجلاس ٿيندو، پنج سالا پلان تحت تعاون جون نيون راهون ڳوليون وينديون، ويجهي رابطي جي ذريعي تعاون کي عملي شڪل ڏيندي اڳتي وڌڻو آهي. بابر پارڪ جي تحفي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران توهان جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته ازبڪستان به پاڪستان سان گڏ غزه امن بورڊ جو ميمبر آهي، غزه ۾ امن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ هي هڪ اهم فورم آهي. پراميد آهيان ته صدر ٽرمپ جي سربراهي ۾ غزه ۾ پائيدار امن ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ڪامياب ٿينداسين ۽ ٻه رياستي حل تائين پهتو ويندو اسان نه رڳو ٻنهي ملڪن پر پوري خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪنداسين. ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلن جو حل پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي. ازبڪستان جي صدر آجياڻي خطاب تي بيهي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا ادا ڪيا. ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف چيو ته ڀرپور استقبال ۽ شاندار ميزباني تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ٿورائتو آهيان، انساني زندگي ۾ ڪجهه ڏينهن انتهائي تاريخي هوندا آهن، اڄ جو ڏينهن منهنجي لاءِ تمام گهڻو يادگار آهي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ۽ پروفيسرشپ ملڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، جهڙي طرح منهنجي ۽ منهنجي وفد جي شاندار ميزباني ٿي ان کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، مون هدايت ڪئي آهي ته ازبڪستان جي مائننگ يونيورسٽي ۾ نسٽ جي چيئر قائم ڪئي وڃي، اعزازي ڊگري ۽ پروفيسرشپ اعزاز سان گڏوگڏ منهنجي لاءِ هڪ ذميواري به آهي، ازبڪستان جي مائننگ يونيورسٽي ۾ نسٽ چيئر قائم ڪئي ويندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون سان منزلون طئي ڪنداسين، تعليمي شعبي ۾ استادن ۽ شاگردن جي پڻ مٽاسٽا ڪئي ويندي، پاڪستان جو اعليٰ ترين اعزاز نشان پاڪستان ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان، اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي ۽ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جو عڪاس آهي، نشان پاڪستان جو اعزاز منهنجي لاءِ فخر جوڳو لمحو آهي، واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، گڏيل ورڪنگ گروپ جو قيام انتهائي اهميت رکندڙ هوندو، ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. هن چيو ته پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، تعميري ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ اسان واپاري ماپي ۾ اضافي جي پروٽوڪول تي صحيحون ڪيون آهن، پاڪستان اسان جو ويجهو دوست ۽ بااعتماد حصيدار آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته فلسطين سميت مختلف معاملن تي ازبڪستان ۽ پاڪستان گڏجي اڳتي وڌندا، اسان متحد ٿي اڳتي وڌون ته سمورين مشڪلاتن ۽ مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا، پنهنجي بزرگن جي نالي تي اسلام آباد ۾ بابر پارڪ قائم ڪرڻ جي تجويز سان اتفاق ڪرڻ تي ٿورائتو آهيان، بابر پارڪ اسان جي ويجهي دوستي ۽ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جو عڪاس هوندو. هن چيو ته عالمي ۽ علائقائي معاملن تي گڏجي اڳتي وڌڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، مستقبل ۾ به ويجها رابطا يقيني بڻائينداسين. پاڪستان جي عوام کي رمضان المبارڪ جي اڳواٽ مبارڪباد ڏيان ٿو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف ٻطرفي واپار جو ماپو ايندڙ 5 سالن ۾ 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي پروٽوڪول ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ايڪشن پلان جوڙڻ جي لاءِ ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جي دستاويز تي صحيحون ڪيون. ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ازبڪستان جي صدر کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ۽ پروفيسرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم شوڪت مرزائيوف کي اعزازي ڊگري ۽ پروفيسرشپ جو سرٽيفڪيٽ عطا ڪيو.

مزید خبریں