راولپنڊي-05 جنوري (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مظفرآباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ڄمون ڪشمير جي شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ شهيدن جي عظيم قربانين کي ساراهيو. دوري دوران معززن ۽ اڳوڻن فوجين سان ڳالهائيندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير والاريل ڄمون ڪشمير جي …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران مظفرآباد جو دورو، ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش، آزادي جي جدوجهد جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ

مزید خبریں
راولپنڊي-05 جنوري (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مظفرآباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ڄمون ڪشمير جي شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ شهيدن جي عظيم قربانين کي ساراهيو. دوري دوران معززن ۽ اڳوڻن فوجين سان ڳالهائيندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ پاڪستان جي پختي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ڀارتي ظلم، انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ۽ هندوپرست نظريي تحت ڪيل زيادتيون ڪشميري عوام جي جائز جدوجهد ۽ سندن عزم کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪشمير جلد عوامي خواهشن ۽ سندن تقدير موجب آزادي جو صبح ڏسندو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل تائين سمورن عالمي فورمن تي ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جو آواز بلند ڪندو رهندو ۽ پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان مڪمل يڪجهي جو مظاهرو ڪندو. چيف آف ڊفينس فورسز ڪشمير ۾ مقرر آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي، پيشيوراڻي مهارتن، پختي عزم ۽ مشڪل حالتن ۾ اعليٰ سطح جي جنگي تيارين کي ساراهيو. هن هر قسم جي امڪاني جارحيت جي موثر روڪٿام لاءِ هر وقت چوڪس، اعليٰ آپريشنز تياري ۽ سمورن شعبن ۾ جامع هم آهنگي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي هن اڳئين مورچي جو به دورو ڪيو جتي هن پهرين محاذ تي مقرر جوانن سان ملاقات ڪئي. هن واضح ڪيو ته ڪنهن به جارحيت جو فوري، ڀرپور ۽ موثر جواب ڏنو ويندو ۽ هٿياربند فوج بدلجندڙ سيڪيورٽي ماحول ۾ روايتي ۽ هائبرڊ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.ان کان اڳ مظفرآباد پهچڻ تي چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو استقبال راولپنڊي جي ڪور ڪمانڊر ڪيو.











