ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ، حق خوداراديت لاءِ ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڀارتي ڏاڍ کان آزادي ۽ پنهنجي حق خوداراديت لاءِ ڪشميرين جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون، پاڪستان سان نظرياتي وابستگي سبب اڄ هر پاڪستاني جي دل ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪي رهي آهي،اسان پنهنجي سمورين سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري هڪ آواز ۾ اهو پيغام ڏئي رهيا آهيون ته ڪشمير پاڪستان جي شهه …

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڀارتي ڏاڍ کان آزادي ۽ پنهنجي حق خوداراديت لاءِ ڪشميرين جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون، پاڪستان سان نظرياتي وابستگي سبب اڄ هر پاڪستاني جي دل ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪي رهي آهي،اسان پنهنجي سمورين سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري هڪ آواز ۾ اهو پيغام ڏئي رهيا آهيون ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي. اهڙو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي چائنا چوڪ کان ڊي چوڪ تائين ڪڍيل ريلي کي خطاب دوران ڪيو جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪري ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. صبح 10 وڳي سائرن وڄندي ئي سڄي شاهراهه دستور تي ٽريفڪ بيهجي وئي ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪري ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته ڀارت والاريل وادي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري رکيو آهي جتي نه ميڊيا کي پهچ آهي ۽ نه ئي انساني حقن جي تنظيمن کي، اهي بندشون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ڀارت ڪشميرين جي حريت واري جذبي کان ڊنل آهي ۽ پنهنجا ظلم لڪائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته انڊيا اڄ پوري دنيا آڏو ايڪسپوز ٿي چڪو آهي، 10 مئي جو واقعو هجي يا ايل او سي تي ڀارتي جارحيت، اسان جي هٿياربند فوج ۽ آزاد ڪشمير جي بهادر عوام هميشه پنهنجي دشمن کي شڪست ڏني آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان رڳو هڪ نعرو ناهي پر اسان جو ايمان ۽ منزل آهي جنهن خاطر اسان جا نسل قربانيون ڏيڻ ايندا آهن، جيستائين والاريل ڪشمير جي ڀائرن کي حق خود اراديت نٿو ملي تيستائين پاڪستان جو ٻار ٻچو ان جو سفير بڻجي دنيا کي جهنجهوڙيندو رهندو.  وفاقي وزير چيو ته اسان ڪشميرين لاءِ پنهنجي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت ان وقت تائين جاري رکنداسين جيستائين ڀارتي ڏاڍ کان آزادي جو سج نٿو اڀري. هن شرڪت ڪندڙن سان گڏجي ”پاڪستان زنده باد“ ۽ ”ڪشمير بڻجندو پاڪستان“ جا نعرا هنيا. تقريب جي پڄاڻي تي والاريل ڪشمير جي مظلومن جي جلد آزادي ۽ پاڪستان جي سلامتي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.

مزید خبریں