ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف جو وزيراعظم هائوس اچڻ تي شاندار استقبال، وزيراعظم شهباز شريف آجيان ڪئي، باضابطا آجياڻي واري تقريب، هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو

اسلام آباد - 05 فيبروري (اي پي پي) ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف جو وزيراعظم هائوس اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، وزيراعظم محمد شهباز شريف معزز مهمان جي آجيان ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ انهن جي وچ ۾ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم هائوس اچڻ تي ازبڪستان جي صدر جي اعزاز ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب منعقد ٿي، تقريب جي شروعات تي ٻنهي ملڪن …

اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف جو وزيراعظم هائوس اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، وزيراعظم محمد شهباز شريف معزز مهمان جي آجيان ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ انهن جي وچ ۾ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم هائوس اچڻ تي ازبڪستان جي صدر جي اعزاز ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب منعقد ٿي، تقريب جي شروعات تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، هٿياربند فوج جي دستي ازبڪستان جي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، شوڪت مرزائيوف گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن کي ازبڪستان جي صدر سان تعارف ڪرايو جڏهن ته شوڪت مرزائيوف پنهنجي وفد جي ميمبرن جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو. شوڪت مرزائيوف سان گڏ اعليٰ سطحي وفد پڻ پاڪستان پهتو آهي جنهن ۾ وفاقي ڪابينا جا سينيئر وزير ۽ ڪاروباري شخصيتون شامل آهن. ازبڪستان جو صدر وزيراعظم سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت سميت صدر سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪ – ازبڪستان بزنس فورم کي خطاب پڻ ڪندو. ان موقعي تي ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو ۽ واپار، توانائي، دفاع، تعليم، عوامي رابطن ۽ علائقائي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ نيون راهون ڳوليون وينديون. ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف جو پاڪستان جو ٻيو دورو آهي جيڪو پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. اهي لاڳاپا گڏيل تاريخ، گڏيل عقيدي ۽ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل امنگن تي ٻڌل آهن.

مزید خبریں