اسلام آباد - 05 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف سان ملاقات ڪئي جيڪو پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد آيل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ازبڪستان جي صدر کي صدر، وزيراعظم ۽ پاڪستان جي عوام پاران شاندار خيرسگالي جا پيغام پهچايا. هن ازبڪستان سان دوستاڻي لاڳاپن کي پاڪستان جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف سان ملاقات ڪئي جيڪو پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد آيل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ازبڪستان جي صدر کي صدر، وزيراعظم ۽ پاڪستان جي عوام پاران شاندار خيرسگالي جا پيغام پهچايا. هن ازبڪستان سان دوستاڻي لاڳاپن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ حاصل اهم مقام کي اجاگر ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته صدر جو هي دورو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسعت ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ پراڻي، ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ اسٽريٽجڪ بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











