پاڪستان پاران ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي عزم جو ورجاءُ: پرڏيهي آفيس جو بيان

اسلام آباد - 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام خميس ڏينهن ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن جنهن جي ذريعي اهي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد ۾ گڏ بيهڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري رهيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ان موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغامن ۾ صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم ۽ …

اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام خميس ڏينهن ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن جنهن جي ذريعي اهي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد ۾ گڏ بيهڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري رهيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ان موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغامن ۾ صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سمورن عالمي فورمز تي ڪشميري عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدرن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيا جن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سنگين صورتحال طرف ڌيان ڇڪرايو ويو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي نگراني ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاد، منصفاڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي انعقاد جو مطالبو ڪيو ته جيئن ڪشميري عوام جي خواهشن جو تعين ڪري سگهجي. هن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي قيادت تي پڻ زور ڏنو ته اهي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڳڻتي جوڳي انساني حقن جي صورتحال جي تدارڪ ۽ بهتري جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن. پرڏيهي آفيس موجب ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي کان اڳ اسلام آباد ۾ مقرر سفارتڪارن جي لاءِ هڪ جامع بريفنگ جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ انهن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ موجوده صورتحال ۽ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو ويو. ڪالهه خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ عملي جناح ايونيو تي منعقد ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي واڪ ۾ شرڪت ڪئي جنهن جي ذريعي ڪشمير ڪاز سان ڀرپور يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ويو. ان کانسواءِ پاڪستان جي سفارتي مشنز ۾ سڄي دنيا ۾ سيمينارز، ويبنارز، عوامي مظاهرن ۽ تصويري نمائشن سميت مختلف سرگرمين جو انعقاد ڪيو پيو وڃي. انهن سرگرمين جو مقصد ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ۽ ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ آهي.

مزید خبریں