بلوچستان ۾ آپريشن رد الفتنه 1 مڪمل، ڀارتي سرپرستي ۾ پلجندڙ 216 دهشتگرد جهنم ڀيڙا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-05 جنوري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ ”آپريشن رد الفتنه 1“  ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو، انٽيليجنس بنيادن تي ان جامع ڪارروائي دوران 216 دهشتگردن کي  جهنم ڀيڙو ڪندي دشمن جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو. هي آپريشن ”فتنه الهندستان“ طرفان صوبي ۾ امن ۽ ترقياتي منصوبن کي نقصان پهچائڻ جي منظم سازشن خلاف هڪ موثر جواب آهي، ان آپريشن جتي دهشتگردن جي سليپر سيلز جو خاتمو …

راولپنڊي-05 جنوري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ ”آپريشن رد الفتنه 1“  ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو، انٽيليجنس بنيادن تي ان جامع ڪارروائي دوران 216 دهشتگردن کي  جهنم ڀيڙو ڪندي دشمن جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو. هي آپريشن ”فتنه الهندستان“ طرفان صوبي ۾ امن ۽ ترقياتي منصوبن کي نقصان پهچائڻ جي منظم سازشن خلاف هڪ موثر جواب آهي، ان آپريشن جتي دهشتگردن جي سليپر سيلز جو خاتمو ڪيو اتي هي رياست جي ان عزم جي به عڪاسي آهي ته ملڪي سلامتي ۽ معصوم شهرين جي تحفظ تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب 29 جنوري 2026ع تي ضلعي پنجگور ۽ هرنائي جي ڀرپاسي ۾ معتبر اطلاعن جي بنياد تي آپريشنز جو آغاز ڪيو ويو جتان دهشتگردن جي موجودگي سان مقامي آبادي کي شديد خطرا درپيش هئا. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي پراڪسي نيٽ ورڪس سان لاڳاپيل 41 دهشتگرد ماريا ويا، سيڪيورٽي فورسز جي دليراڻي رد عمل بلوچستان جي امن کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ ”فتنه الهندستان“ جي مايوس ڪن ڪوششن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. ان جي تسلسل ۾ دهشتگردن جي سليپر سيلز جي خاتمي لاءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪومبنگ ۽ ڪليئرنس آپريشنز جو دائرو وسيع ڪيو ويو. آپريشن رد الفتنه 1- دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڳجهين ايجنسين جي تعاون سان انتهائي درستگي ۽عزم سان ڀرپور جواب ڏنو. ان جامع ڪاررواين جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي 216 دهشتگرد جهنم ڀيڙا ٿيا جنهن سان دهشتگرد نيٽ ورڪس جي قيادت، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ۽ آپريشنل صلاحيتن کي ڪاري ضرب لڳي، ڪاررواين دوران وڏي مقدار ۾ پرڏيهي هٿيار، ڌماڪيدار مادو به هٿ آيو. شروعاتي تجزئي مان انهن انتهاپسندن کي حاصل منظم پرڏيهي مدد ۽ لاجسٽڪ مدد جا ثبوت مليا آهن. انهن آپريشنز دوران عورتن ۽ ٻارن سميت 36 معصوم شهري شهيد ٿيا جڏهن ته ملڪ جي دفاع ۽ شهرين جي تحفظ خاطر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي 22 جوانن شهادت ماڻي. پوري قوم انهن شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ سندن خاندانن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجون ڪارروايون پوري قوت سان جاري رکندي، آپريشن رد الفتنه 1- پاڪستان ۽ خاص ڪري بلوچستان جي غيور عوام جي ان عزم جو ثبوت آهي ته هو هميشه تشدد تي پرامن، ڏڦيڙ تي اتحاد ۽ تباهي تي ترقي کي ترجيح ڏيندا.

مزید خبریں