وفاقي وزير محسن نقوي سان چين جي سفير جي ملاقات، بلوچستان ۾ تازو ٿيل دهشتگرد حملن جي مذمت ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ملاقات ڪئي جنهن دوران بلوچستان ۾ تازو ٿيل دهشتگرد حملن جي مذمت ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي سميت اندورني سلامتي ۽ سيڪيورٽي تعاون جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته انٽيليجنس شيئرنگ ۽ سائبر ڪرائمز جي …

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ملاقات ڪئي جنهن دوران بلوچستان ۾ تازو ٿيل دهشتگرد حملن جي مذمت ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي سميت اندورني سلامتي ۽ سيڪيورٽي تعاون جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته انٽيليجنس شيئرنگ ۽ سائبر ڪرائمز جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. چين جي سفير چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ متاثر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، چين هر طرح جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان مضبوطي سان بيٺل آهيون. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بلوچستان ۾ دهستگردي منظم ۽ طئي ٿيل منصوبي تحت ڪئي وئي پر سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ موثر ريسپانس ڏنو. هن چين جي سفير کي چيني شهرين ۽ سندن پراجيڪٽس جي حفاظت جي حوالي سان قدمن تي بريف ڪندي چيو ته چيني شهرين ۽ پراجيڪٽس جي حفاظت وڌيڪ عزيز آهي، چيني شهرين کي هر ممڪن سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، تنهن ڪري ان ڏس ۾ سندن سيڪيورٽي لاءِ اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ جوڙيو پيو وڃي. پاڪ – چين دوستي کي دشمن ڪنهن به صورت ۾ نقصان نٿو پهچائي سگهي. محسن نقوي چيو ته دهشتگردي جي خاتمي واري آپريشنز لاءِ جديد چيني ٽيڪنالاجي ۽ ساز ۽ سامان مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ -چين اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيني سفير پنهنجي شهرين جي سيڪيورٽي بابت قدمن تي ٿورو مڃيو. گهرو وزير به چين طرفان هر موقعي تي پختي حمايت تي سفير جو ٿورو مڃيو.

مزید خبریں