ڪشميرين کي سندن خوداراديت وارو حق ڏيڻ سڄي دنيا جي اولين ذميواري آهي: عبدالعليم خان

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان 5 فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪشميرين کي سندن خود اراديت وارو حق ڏيڻ سڄي دنيا جي اولين ذميواري آهي، اڄ پاڪ فوج، قومي ادارا ۽ پوري قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهن. وزارت مان جاري بيان ۾ هن چيو ته ڪشمير خطي جي تقدير جو فيصلو ڪشميري ڀينر …

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان 5 فيبروري يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪشميرين کي سندن خود اراديت وارو حق ڏيڻ سڄي دنيا جي اولين ذميواري آهي، اڄ پاڪ فوج، قومي ادارا ۽ پوري قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهن. وزارت مان جاري بيان ۾ هن چيو ته ڪشمير خطي جي تقدير جو فيصلو ڪشميري ڀينر ۽ ڀائر پنهنجي هٿن سان لکندا. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستاني قوم جو 5 فيبروري تي ڪشمرين سان يڪجهتي جو اظهار قومي سوچ جي عڪاسي آهي، غاصب ڀارت جي ڏاڍ کي نه پهرين تسليم ڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته ڪشميرين جي حقن لاءِ مسلسل آواز بلند ڪندا پيا اچون، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ امن جي ضمانت آهي. هن چيو ته مودي جي شرپسند ۽ لالچي سوچ خطي کي هميشه بدامني جي ور چاڙهيو، فتنه پسند پاڙيسري راند جي ميدان ۾ به نفرت ۽ ڏڦيڙ جو ٻج پوکيو. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش ڀارت کي آئينو ڏيکارڻ لاءِ ورلڊ ڪپ جي ميچ جو بائيڪاٽ ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ ڪشميرين لاءِ آواز بلند ڪرڻ ۽ انهن لاءِ دعاڳو هجڻ جو ڏينهن آهي.

مزید خبریں