مظفر آباد - 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پناهگيرن جو وظيفو 3500 کان وڌائي 6 هزار ڪرڻ، مظفرآباد ۾ دانش يونيورسٽي ڪئمپس ۽ آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ، وڌيڪ 1700 شاگردن کي هلندڙ مهيني ليپ ٽاپ ڏيڻ، ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ تحت تعليمي وظيفا ڏيڻ، اسڪولن جي ڇتن جي لاءِ هڪ ارب ۽ هريام پُل جي تعمير جي لاءِ 10 ارب رپيا فراهم ڪرڻ سميت آزاد ڪشمير …
ڪشمير مسئلو سڄي دنيا ۾ اجاگر ٿي ويو، معرڪه حق ۾ ڀارت جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، ڪشمير ۾ ڪا به حڪومت هجي وفاق جو تعاون جاري رهندو: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
مظفر آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پناهگيرن جو وظيفو 3500 کان وڌائي 6 هزار ڪرڻ، مظفرآباد ۾ دانش يونيورسٽي ڪئمپس ۽ آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ، وڌيڪ 1700 شاگردن کي هلندڙ مهيني ليپ ٽاپ ڏيڻ، ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ تحت تعليمي وظيفا ڏيڻ، اسڪولن جي ڇتن جي لاءِ هڪ ارب ۽ هريام پُل جي تعمير جي لاءِ 10 ارب رپيا فراهم ڪرڻ سميت آزاد ڪشمير جي ترقي جي لاءِ ڪيترن ئي قدمن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سڄي پاڪستان وانگر آزاد ڪشمير جي ترقي به کيس تمام گهڻو عزيز آهي، ڪشمير ۾ ڪا به حڪومت هجي وفاق جو تعاون جاري رهندو، معرڪه حق ۾ ڀارت جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، ڪشمير مسئلو سڄي دنيا ۾ اجاگر ٿي ويو، ڀارت جنهن محاذ تي ۽ جنهن زبان ۾ ڳالهه ڪندو انهي ۾ ئي جواب ملندس، ان جي پراڪسيز جو به اهو حشر ڪنداسين جيڪو ان جي جهازن جو ڪيو. هو آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺور، آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جا ميمبر، اڳوڻا وزيراعظم ۽ حريت قائدين سميت سمورين سياسي پارٽين جي قيادت پڻ موجود هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو اڄ ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ آيو آهي، برهان واني، سيد علي گيلاني، آسيه اندرابي، ياسين ملڪ ۽ مير واعظ عمر فاروق سميت سمورن ڪشميري اڳواڻن، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن جدوجهد جي تاريخ لکي آهي، انهن جي قربانين سان ڪشمير جي ڌرتي ڳاڙهي ۽ ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي، دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته ڪشمير نه ڀارت جو حصو هو، نه آهي ۽ نه رهندو. هن چيو ته ڪشمير کي قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو، اهو ئي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي. هن واضح ڪيو ته ڪشمير تڪرار جو پائيدار حل رڳو ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل سان ئي ممڪن آهي، ان کانسواءِ ڀارت وٽ ڪو رستو نه آهي، پاڪستان ڪشميرين کي انهن جو حق ملڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان معرڪه حق ۾ ڀارت جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ ان کي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ اسان جي هٿياربند فوج اهڙو سبق سيکاريو جيڪو ان جون نسلون به ڪڏهن وساري نه سگهنديون، معرڪه حق رڳو اسان جي فوج جي پيشيواراڻي مهارت جي فتح نه آهي پر اها ڪشميري عوام جي قربانين جي به فتح آهي. هن چيو ته معرڪه حق کانپوءِ ڪشمير ڪاز پوري دنيا ۾ پوري قوت سان زندهه ٿيو، ڀارت جي ڪوڙ جو بيانيو دفن ٿيڻ اسان جي سفارتي ڪاميابي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڀارت ذلت آميز شڪست کانپوءِ پنهنجي پراڪسيز جي ذريعي پاڪستان ۾ ٻيهر دهشتگردي تيز ڪري ڇڏي آهي، ڀارت جي جارحاڻي، توسيع پسنداڻي ۽ تسلط پسنداڻي ارادن کي ترڪ ڪرڻ تائين خطي ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز ڀارت جي دهشتگردي ۾ ملوث پراڪسيز جو پڻ اهو ئي حشر ڪندي جيڪو ان جي ويڙهاڪ جهازن جو ٿيو، امن چاهيون ٿا پر برابري ۽ انصاف جي بنياد تي، ڀارت جيڪو محاذ کوليندو ۽ جنهن زبان ۾ڳ ڳالهه ڪندو انهي ۾ جواب ملندس. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام کي انهن جي مرضي سان جيئڻ جو حق ملڻ دنيا جي جمهوريت پسندي ۽ انصاف پسندي جو امتحان آهي، عالمي قانون ۽ اصول ان حق جي حمايت ڪن ٿا، پاڪستان اسلامي ملڪن سان گڏجي غزه ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کنيو آهي، فلسطين ۽ ڪشمير تي پنهنجي اصولي موقف تي رهندي پاڪستان تڪرارن جي پائيدار حل جي لاءِ پنهنجو فعال ۽ متحرڪ ۽ عملي ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان وانگر آزاد ڪشمير جي ترقي به اسان کي تمام گهڻي عزيز آهي ان جي لاءِ آزاد ڪشمير حڪومت سان تعاون ڪندا رهنداسين. هن چيو ته سفارش ڪئي وئي هئي ته پناهگيرن جو وظيفو 3500 مان وڌائي 5 هزار ڪيو وڃي پر مون 6 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، دانش اسڪول تعمير ٿي رهيا آهن، اسلام آباد ۾ دانش يونيورسٽي ٺهندي جنهن جو آزاد ڪشمير ڪئمپس مظفرآباد ۾ ٺهندو، ڪشميرين جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ منهنجي قائد محمد نواز شريف جي رهنمائي ۾ تعمير ۽ ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، مظفر آباد ۾ به آسان خدمت مرڪز قائم ٿيندو جنهن تحت 65 خدمتون هڪ ڇت هيٺ مهيا هونديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف هلندڙ مهيني وڌيڪ 1700 آزاد ڪشمير جي شاگردن کي ليپ ٽاپس ڏيڻ ۽ ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ تحت تعليمي وظيفن جو اعلان پڻ ڪيو جنهن جي ذريعي ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم جا موقعا پڻ حاصل آهن. هن اسڪولن جي ڇتن جي لاءِ هڪ ارب، واٽر سپلاءِ اسڪيم ۽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي لاءِ 9.4 ارب، هريام برج جي لاءِ 10 ارب، يونيورسٽي آف ڪوٽلي جي لاءِ 1.46 ۽ وومين يونيورسٽي باغ جي لاءِ پڻ 1.46 ارب رپين جا فنڊز مختص ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ ڪا به حڪومت هجي وفاق اڳتي وڌي تعاون ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي صدر بئريسٽر سلطان محمود مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان جي ايصال ثواب لاءِ دعا پڻ ڪئي. ان کان اڳ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺور وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آجيان ڪندي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار تي سندس ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ڪشميرين سان گڏ آهي، ڪشميرين پنهنجي رت سان آزادي جي تاريخ لکي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن انهن جو حق انهن کي ملندو، پاڪستان ڪشميرين جي منزل آهي، ڀارت 8 لک فوج ته ڪشمير ۾ ويهاري ڇڏي پر سوچ تي پهرو نه ٿو لڳائي سگهجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيدن جي يادگار تي پڻ حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.











