صدر آصف علي زرداري پاران بلوچستان ۾ آپريشن ردالفتنه 1 جي ڪامياب تڪميل تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ آپريشن ردالفتنه 1 جي ڪامياب تڪميل تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائي سان فتنه الهندستان پاران بلوچستان جي امن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ناڪام ٿي، ملڪ مان ٻاهرئين پٺڀرائي …

اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ آپريشن ردالفتنه 1 جي ڪامياب تڪميل تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائي سان فتنه الهندستان پاران بلوچستان جي امن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ناڪام ٿي، ملڪ مان ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو اولين ترجيح آهي. صدر چيو ته خوشي آهي ته انٽيليجنس تي ٻڌل ٺوس ڪاررواين سان ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگرد نيٽ ورڪس جي قيادت ۽ صلاحيت جي چيلهه ٽوڙي وئي. هن آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ معصوم شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت ۽ گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي سلا پيش ڪري ٿي ۽ اها دهشتگردي جي خلاف متحد آهي.

مزید خبریں