اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان پنهنجي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، ڀارت جي مسلسل هٺ ڌرمي گڏيل قومن جي چارٽر، لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي. …
پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان پنهنجي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان پنهنجي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، ڀارت جي مسلسل هٺ ڌرمي گڏيل قومن جي چارٽر، لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته غيرقانوني ڀارتي قبضي تحت ڪشميري عوام اڄ به پنهنجي بنيادي حقن کان محروم آهي جڏهن ته انهن جي ثابت قدمي ۽ استقامت انهن جي منصفاڻي موقف جي صداقت جي گواهي ڏي ٿي. نائب وزيراعظم چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو بنياد ڀارت پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي انهن قراردادن تي عملدرآمد ۾ ناڪامي آهي جن تحت ڪشميري عوام کي آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جو حق ڏنو ويو هو. هن چيو ته ڀارت جي مسلسل هٺ ڌرمي گڏيل قومن جي چارٽر، لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ زميني صورتحال رڳو وقتي خلاف ورزين کان اڳتي وڌي ڪري هڪ منظم ۽ مسلسل ڏاڍ جي نظام جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. هن چيو ته هندوتوا تي ٻڌل نظام تحت ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي مسلسل امتيازي سلوڪ درپيش آهي، تازا قدم جن تحت مسجدن جي پروفائيلنگ ڪئي پئي وڃي ۽ مذهبي پيشوائن کي پنهنجي ذاتي معلومات، تصويرون ۽ مسلڪي وابستگيون فراهم ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، اداراجاتي اسلامو فوبيا جو سنگين مثال آهي. نائب وزيراعظم چيو ته عدالت کان مٿانهون قتل، جبري گمشدگين، من پسند حراستي قدمن ۽ بنيادي آزادين تي پابنديون بدستور جاري آهن. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن تي ان کي جوابده قرار ڏي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ انساني حقن جي صورتحال جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪشميري عوام کي انهن جي واعدي موجب خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ فيصلائتا قدم کڻي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي سطح تي گڏ بيٺل رهندو، اسان جون سموريون ڪوششون ڄمون ۽ ڪشمير جي پرامن، منصفاڻي ۽ پائيدار حل کي حاصل ڪرڻ تي مرڪوز رهنديون.











