اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزائيوف پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس پهچڻ تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪ صدر جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون هارون اختر پڻ موجود هئا. ازبڪستان جو صدر خصوصي جهاز مان ٻاهر …
ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزائيوف پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزائيوف پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس پهچڻ تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪ صدر جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون هارون اختر پڻ موجود هئا. ازبڪستان جو صدر خصوصي جهاز مان ٻاهر آيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس آجيان ڪئي ۽ ساڻس پرجوش طريقي سان هٿ ملايو. وزيراعظم سان سندس خوشگوار جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. معزز مهمان کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي جڏهن ته روايتي ۽ ثقافتي لباس پهريل ٻارن گلدستا پيش ڪيا. ٻنهي ملڪن جا قومي جهنڊا پڪڙيل ٻارن معزز مهمان کي ڀليڪار چيو. وزيراعظم ڪابينا ميمبرن سان معزز مهمان جو تعارف پڻ ڪرايو.











