ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي ايجنڊا تي پراڻي حل طلب تڪرارن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد جي اصولي ۽ اڻٿڪ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي ايجنڊا تي پراڻي حل طلب تڪرارن ۾ شامل آهي، 8 ڏهاڪن کان ڀارت جي هٺ ڌرمي جي …

اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد جي اصولي ۽ اڻٿڪ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي ايجنڊا تي پراڻي حل طلب تڪرارن ۾ شامل آهي، 8 ڏهاڪن کان ڀارت جي هٺ ڌرمي جي ڪري ڪشميري عوام کي بنيادي حق کان محروم رکيو پيو وڃي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ڀارتي قبضي جون زنجيرون ٽوڙي خوف کان آزاد مستقبل ۾ پنهنجون زندگيون گذاريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هر سال 5 فيبروري تي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو، هي ڏينهن ان عزم جي تجديد جو موقعو آهي ته پاڪستان جي عوام حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي اصولي ۽ اڻٿڪ حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود پراڻي حل طلب تڪرارن مان هڪ آهي، انهن سالن دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين قرارداد بنا ڪنهن شق جي ان حقيقت کي تسليم ڪيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري خطو آهي ۽ ان جي حتمي مستقبل جو فيصلو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب هڪ آزاد ۽ غيرجانبدار ريفرنڊم جي ذريعي ڪرڻو آهي جڏهن ته اٽڪل 8 ڏهاڪن کان ڀارت جي هٺ ڌرمي جي ڪري ڪشميري عوام کي ان بنيادي حق کان محروم رکيو پيو وڃي. هن چيو ته ڏهاڪن جي رتوڇاڻ، ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود والاريل ڄمون ۽ ڪشمير اڄ به وڏي فوجي موجودگي، مڪمل ڏاڍ ۽ سنگين انساني حقن جي خلاف ورزين جو ڳڙهه بڻيل آهي، سياسي نظربندين، حقيقي سرگرمين جو گلو دٻائڻ ۽ ميڊيا تي سخت پابندين، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اختلاف راءِ کي دٻائڻ ڀارت جا معمول جا حربا بڻجي چڪا آهن. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني ۽ هڪطرفي انتظامي ۽ قانوني قدمن جو هڪ اهڙو سلسلو شروع ڪيو جنهن جو مقصد والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي جبري قبضي کي مضبوط بڻائڻ هو، اهي قدم نه رڳو گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهن پر لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي پڻ واضح نفي ڪن ٿا، آبادي جي تناسب ۾ زبردستي مصنوعي تبديلي يا ڪشمير جي قانوني ۽ انتظامي حيثيت کي بدلائڻ جي ڀارت جي اها کوکلي ڪوشش ان کي ان جي عالمي ذميوارين کان آجو نٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جا غيرقانوني قدم هندوتوا نظريي تحت آهن جن جو مقصد امتيازي سلوڪ کي معمول بڻائڻ، مذهبي آزادين کي محدود ڪرڻ ۽ اختلاف راءِ کي ڏوهه قرار ڏيڻ آهي. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسجدن ۽ انهن جي انتظامي ڪميٽين جي مسلسل نگراني، مذهبي آزادي جي حق جي سنگين خلاف ورزي آهي ۽ مسلمان آبادي کي درپيش امتيازي سلوڪ جي واضح عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته افسوسناڪ طور تي ڀارتي قبضو هاڻي رڳو عسڪري ڏاڍ تائين محدود ناهي رهيو پر ان نظرياتي ڏاڍ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي جنهن جو مقصد هڪ پوري قوم کي خاموش ۽ بي اختيار بڻائڻ آهي، ڏهاڪن جي ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود بهادر ۽ ثابت قدم ڪشميري عوام پنهنجي جائز امنگن تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان انهن جي بي مثال جرئت، حوصلي ۽ قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت سان مون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سميت هر عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور ۽ مسلسل وڪالت ڪئي آهي. اڄ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ پنهنجي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ان وقت تائين جاري رکندو جيستائين هو گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ واعدي موجب آزاد ۽ غيرجانبدار ريفرنڊم جي ذريعي پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل نٿا ڪري وٺن. هن چيو ته انشاءَ الله اونداهي جا هي ڏينهن جلد آزادي جي روشن سحر ۾ تبديل ٿيندا ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ڀارتي قبضي جون زنجيرون ٽوڙي خوف کان آزاد مستقبل ۾ پنهنجون زندگيون گذاريندي.

مزید خبریں