اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام سان پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ان وقت تائين جاري رکندو جيستائين ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پنهنجو خودمختياري جو حق حاصل نه ٿي ڪري وٺي، سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ان ڏينهن کي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جي اظهار جي طور تي …
پاڪستان ڪشميري عوام سان پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ان وقت تائين جاري رکندو جيستائين ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پنهنجو خودمختياري جو حق حاصل نه ٿي ڪري وٺي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام سان پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ان وقت تائين جاري رکندو جيستائين ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پنهنجو خودمختياري جو حق حاصل نه ٿي ڪري وٺي، سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ان ڏينهن کي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جي اظهار جي طور تي ملهائين ٿا. 1989ع ۾ ڪشميري عوام جي تاريخي جدوجهد کانپوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ان ڏينهن کي باقاعده طور تي ملهائڻ جي شروعات ڪئي هئي ۽ اها جدوجهد اڄ به جاري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اٽڪل 8 ڏهاڪن کان بهادر ڪشميري عوام غيرقانوني ڀارتي قبضي جي خلاف ڄمي بيٺل آهي ۽ بيشمار قربانيون ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته اسان ڪشميري عوام جي عزم، حوصلي ۽ ثابت قدمي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال عالمي ضمير جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ ڀارت انتظامي ۽ قانوني حربن جي ذريعي پنهنجي قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪري چڪو آهي. هن چيو ته ميڊيا تي پابنديون، ڪشميري قيادت جون گرفتاريون ۽ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جون ڪوششون ڪشميري عوام کي انهن جي سرزمين ۾ ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهن. صدر چيو ته ڀارتي قابض فوج پاران انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون بدستور جاري آهن. هن چيو ته تازي عالمي رپورٽس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران حراستي قدمن ۽ گڏيل سزائن ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڀارتي عملدارن پاران گهرن کي ڊاهڻ ۽ ڊيجيٽل آزادين تي پابندين جي ڪري هزارين سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي بندش زميني حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسجدن ۽ مسجد انتظاميا جي تازي پروفائلنگ ڄاڻي واڻي دٻاءُ جون ڪارروايون آهن جن جو مقصد مسلمان اڪثريتي آبادي جي مذهبي حقن ۾ رڪاوٽ وجهڻ آهي. هن چيو ته اهي قدم مذهبي فرق جي وسيع تر سلسلي جو حصو آهن، جڏهن ته ڪشميري عوام کي بنا خوف ۽ فرق جي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ جو فتح نه ٿيڻ جوڳو حق حاصل آهي. صدر چيو ته مئي 2025ع ۾ ڀارت پاران ڪيل خطرناڪ فوجي ڇڪتاڻ ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين ڄمون ۽ ڪشمير جو بنيادي تڪرار حل نه ٿو ٿئي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها رڳو ڳڻتي جي اظهار تائين محدود نه رهي پر ڀارت کي انساني حقن جون خلاف ورزيون روڪڻ، عالمي انساني حقن جي مبصرن کي بنا رڪاوٽ پهچ ڏيڻ ۽ ڪشميري عوام کي انهن جي واعدي موجب خودمختياري جو حق ڏيڻ تي راضي ڪري. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل رهندو جيستائين اهي آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق حاصل نه ٿا ڪري وٺن.











