قاهره-04 فيبروري (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر ترڪيه جي خانداني ۽ سماجي خدمتن واري وزير ماهينور اوز ديمير گوڪتاش سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، تعليم ۽ سماجي ترقي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هي ملاقات قاهره ۾ اسلامي تعاون ملڪن ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان منعقد …
مملڪتي وزير وجيهه قمر جي ترڪيه جي خانداني ۽ سماجي خدمتن واري وزير سان ملاقات

مزید خبریں
قاهره-04 فيبروري (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر ترڪيه جي خانداني ۽ سماجي خدمتن واري وزير ماهينور اوز ديمير گوڪتاش سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، تعليم ۽ سماجي ترقي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هي ملاقات قاهره ۾ اسلامي تعاون ملڪن ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان منعقد ڪانفرنس مذهبي ۽ ميڊيا بياني جو استعمال ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ تي ان جي اثرن جي موقعي تي ٿي. مملڪتي وزير وجيهه قمر ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جنهن ۾ اعليٰ سرڪاري عملدار به شامل هئا. هن ان اهم عالمي فورم تي پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي خاص ڪري عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سماجي ترقي، تعليم، خانداني ڀلائي ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. وجيهه قمر چيو ته پاڪستان جامع تعليم، صنفي برابري ۽ عورتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي جيڪا قومي ترجيحن ۽ عالمي ذميوارين سان هم آهنگ آهي. هن او آءِ سي جي ميمبر ملڪن وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن عورتن کي درپيش چئلينجز کي موثر طور تي منهن ڏئي سگهجي جنهن لاءِ تعميري ڳالهيون، ذميوارڻو ميڊيا ڪردار ۽ مثبت مذهبي بيانيو اڻٽر آهي. ترڪيه جي وزير پاڪستان جي تعليم ۽ سماجي شعبن ۾ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ عورتن ۽ خاندانن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ٻطرفو تعاون وڌائڻ ۽ بهترين تجربن جي مٽاسٽا ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ڌرين مسلم دنيا ۾ عورتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ تحفظ لاءِ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪانفرنس ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن سان تعلق رکندڙ پاليسي سازن، تعليمي ماهرن، ميڊيا نمائندن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي جتي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان مذهب ۽ ميڊيا جي ڪردار تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.











